فرق نٿو پوي ته 5 رڪني بينچ هجي يا فل ڪورٽ: عمران خان

فرق نٿو پوي ته 5 رڪني بينچ هجي يا فل ڪورٽ: عمران خان

لاهور(ويب ڊيسڪ)پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان جو چوڻ آهي ته سپريم ڪورٽ جي 5 رڪني بينچ هجي يا فل ڪورٽ، ان سان اسان کي فرق نٿو پوي.پنجاب ۽ خيبرپختونخواه اسيمبلين ۾ چونڊن جي تاريخ ملتوي ڪرڻ خلاف درخواست جي ٻڌڻي ڪندڙ بينچ ٽوڙڻ تي ردعمل ڏيندي عمران خان سوشل ميڊيا تي لکيو ته اها سپريم ڪورٽ جي 5 رڪني بينچ هجي يا فل ڪورٽ. اسان کي ان سان ڪو فرق نٿو پوي ڇو ته اسان رڳو اهو ڄاڻڻ چاهيون ٿا ته آئين ۾ ڏنل 90 ڏينهن اندر چونڊون ٿي رهيون آهن يا نه!عمران خان وڌيڪ چيو ته اسان جون 2 اسيمبليون ٽوڙڻ کان اڳ پنهنجي اعليٰ آئيني ماهرن سان صلاح مشورا ڪيا ۽ سڀني ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ته 90 ڏينهن اندر چونڊون ڪرائڻ بابت آئيني شق کي نظرانداز ڪرڻ ممڪن ناهي.هن لکيو ته ڏوهارين جي امپورٽ ٿيل حڪومت، ان جا سرپرست ۽ هڪ انتهائي تڪراري اليڪشن ڪميشن هاڻي کليل نموني سان آئين جو ٺٺوليون ڪرڻ تي اتر آئي آهي، آئين جي مختلف شقن کي نافذ ڪرڻ جوڳو قرار ڏئي رهيو آهي جڏهن ته ٻين کي ناقابل عمل قرار ڏئي رهيو آهي، هي گروهه دراصل پاڪستان جي بنياد تي حملا ڪري رهيو آهي. جنهن جو بنياد آئين ۽ قانون جي بالادستي تي آهي.پي ٽي آءِ چيئرمين چيو ته هو چونڊن کان ايترو ڊڄي ويا آهن ۽ پنهنجي سزا يافته ڏوهاري اڳواڻن کي بچائڻ لاءِ ايترا پريشان آهن ته قانون جي بالادستي جي آخري حد تائين به ميٽڻ لاءِ تيار آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو