غير جمهوري حڪومت کي جمهوري هٿيار سان هٽائبو، بلاول

غير جمهوري حڪومت کي جمهوري هٿيار سان هٽائبو، بلاول

پشاور(ويب ڊيسڪ)پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري وفاقي حڪومت جي ڪارڪردگي تي تنقيد ڪندي چيو آهي ته 8 مارچ تي اسلام آباد پهچندي حڪومت کي نقصان پهچائڻ جي پوزيشن ۾ هونداسين. پشاور ۾ ورڪرز ڪنوينشن کي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته عمران حڪومت خلاف جنگ جو اعلان ڪيو آهي، پيپلز پارٽي 27 فيبروري تي ڪراچي کان عوامي مارچ شروع ڪندي. هن چيو ته اسان هي مهم هلائي رهيا آهيون هن نااهل، ناجائز ۽ نااهل حڪومت خلاف، ان حڪومت خلاف جنهن تبديلي جو واعدو ڪيو پر ٽن سالن ۾ تباهي کانسواءِ ڪجهه ناهي ڪيو. هن چيو ته ناجائز ۽ غير جمهوري حڪومت کي هٽائڻ لاءِ جمهوري هٿيار استعمال ڪنداسين.

پهنجو تبصرو موڪليو