غزا ۾ اسرائيلي فوج جي زميني حملن ۾ تيزي 21 فلسطيني شهيد

غزا ۾ اسرائيلي فوج جي زميني حملن ۾ تيزي 21 فلسطيني شهيد

غزا(ويب ڊيسڪ) اسرائيلي فوج رفع ۽ اترين علائقن ۾ زميني حملا تيز ڪري ڇڏيا آهن جن ۾ صبح کان 21 فلسطيني شهيد ٿي ويا آهن. الجزيره جي رپورٽ موجب اسرائيلي فوج فلسطينين کي رفح، بيت الحنون ۽ بيت اللهيه وارن علائقن مان نڪري وڃڻ جو حڪم ڏنو آهي. اسرائيلي دفاع واري وزير چيو آهي ته اسين هنن علائقن مان دهشتگردن جو خاتمو ڪري انهن علائقن کي پنهنجي رياست ۾ شامل ڪنداسين، جيئن انهن کي محفوظ بڻائي سگهجي. ياد رهي ته اسرائيل جي حملن ۾ 50 هزار کان مٿي فلسطيني شهيد ٿي چڪا آهن، اسپتالن ۽ اسڪولن سميت واٽر سپلائي جو انفرا اسٽرڪچر مڪمل طور تباهه ٿي چڪا آهن. اسرائيل امدادي ڪارڪنن کي به ڪم ڪرڻ کان روڪيو آهي. ٻه هفتا اڳ گم ڪيل 14 ايڊ ورڪرن جا لاش ٽي ڏينهن اڳ مليا هئا.

پهنجو تبصرو موڪليو