لاهور (بيورو رپورٽ) پاڪستان مسلم ليگ (ق) جي اڳواڻ ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف جي اتحادي چوڌري شجاعت حسين چيو آهي ته عمران خان کي اتحادين کان نه پر پنهنجن ماڻهن کان خطرو آهي. چوڌري شجاعت حسين پنهنجي هڪ وڊيو پيغام ۾ چيو ته وزيراعظم کي آگاهه ڪيو آهي ۽ چيو آهي ته تحريڪ انصاف کي پنهنجو ساٿي سمجهون ٿا هنن کي به گهرجي ته هو به ق ليگ کي پنهنجو ساٿي سمجهن دشمن نه. هن چيو ته اسان جي بيانن مان ڪجهه دوست غلط مطلب ڪڍي عمران خان کي ڪلپ ڏيکاري پنهنجي مقصدن لاءِ استعمال ڪندا آهن. هن جو چوڻ هو ته چوڌري پرويز الاهي، طارق بشير چيمه، مونس الاهي جا بيان سچائي ۽ حب الوطني جي عڪاسي ڪن ٿا اتحادي هميشهه اتحاد ۽ برابري تي يقين رکندو آهي. چوڌري شجاعت حسين جي بيان تي پي ٽي آءِ اڳواڻ ۽ وفاقي وزير شفقت محمود جو چوڻ هو ته ق ليگ کي شڪ جي نگاهه سان ناهي ڏٺو ڪامل علي آغا ۽ ٻين اڳواڻن ميڊيا تي سخت ڳالهائيندا آهن جنهن کان تاثر ملندو آهي ته معاملو خراب آهي.










