لاهور (ويب ڊيسڪ) لاهور هاءِ ڪورٽ جي فل بينچ عمران خان کي پي ٽي آءِ چيئرمين جي عهدي تان هٽائڻ جي درخواست کي غير موثر قرار ڏئي ڇڏيو. چيف جسٽس لاهور هاءِ ڪورٽ عامر ڀٽي جي سربراهي ۾ 3 رڪني بينچ درخواست جي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي دوران ايڊووڪيٽ آفاق احمد عدالت ۾ پيش ٿيو جنهن موقف اختيار ڪيو ته اليڪشن ڪميشن عمران خان کي چيئرمين جي عهدي تان نااهل ناهي ڪري رهي. چيف جسٽس امير ڀٽي چيو ته اليڪشن ڪميشن جي ڪارروائي کانپوءِ اوهان جي درخواست بظاهر غير موثر ٿي وئي آهي، اليڪشن ڪميشن جي نوٽيس کانپوءِ اوهان جو مسئلو حل ٿي ويو آهي. آفاق احمد ايڊووڪيٽ چيو ته منهنجي درخواست اڃا تائين غير موثر نه ٿي آهي، اظهر صديق جي درخواست کانپوءِ منهنجا دليل ٻڌو. چيف جسٽس امير ڀٽي چيو ته اظهر صديق صاحب هاڻي عمران خان پاڻ درخواست ڏيندڙ بڻجي ويو آهي، حلقي جي ووٽر جي درخواست به ظاهري طور تي بي اثر آهي.اظهر صديق چيو ته هو تسليم ڪري ٿو ته عمران خان جي درخواست سنگل بينچ ۾ هلي رهي آهي.
تڪ جي ووٽر پابندي مڙهيل فنڊنگ ڪيس ۾ عمران خان جي نااهلي خلاف درخواست واپس وٺي ڇڏي. هاءِ ڪورٽ درخواست غير موثر ٿيڻ تي اڪلائي ڇڏي. لاهور هاءِ ڪورٽ جي فل بينچ اين اي 95 جي ووٽر جي درخواست رد ڪري ڇڏي










