عمران خان 8 ڏينهن جي جسماني رمانڊ  تي نيب حوالي

عمران خان 8 ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي نيب حوالي

اسلام آباد)رپورٽ اياز مهر) اسلام آباد جي احتساب عدالت القادر ٽرسٽ ڪيس ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان جو 8 ڏينهن جو جسماني رمانڊ منظور ڪري ورتو.احتساب عدالت جي جج محمد بشير محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌائيندي جوابدار کي 8 ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي نيب حوالي ڪري ڇڏيو.عدالت عمران خان کي 17 مئي تي ٻيهر پيش ٿيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، جنهن ۾ علي بخاري، خواجه حارث ۽ بئريسٽر گوهر عدالت ۾ پيش ٿيا.ٻڌڻي دوران نيب پراسيڪيوٽر موقف اختيار ڪيو ته نيب کي وڌيڪ جاچ جي ضرورت آهي جنهن لاءِ عمران خان کي 14 ڏينهن جو جسماني رمانڊ ڏنو وڃي.عدالت نيب پراسيڪيوٽر جي درخواست تي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي، جنهن تي عمران خان عدالت کي ٻڌايو ته هو پنهنجي وڪيلن سان صلاح ڪرڻ چاهي ٿو.ذريعن جو چوڻ آهي ته اڳوڻي وزيراعظم ٻڌڻي جي وقفي دوران پنهنجي وڪيلن سان صلاح مشورا ڪيا.ٻڌڻي وقفي کانپوءِ شروع ٿي جنهن ۾ پراسيڪيوٽر سردار ذوالقرنين، ڊپٽي پراسيڪيوٽر نيب مظفر عباسي، اسپيشل پراسيڪيوٽر رفيع مقصود ۽ جاچ آفيسر ميان عمر نديم پيش ٿيا.ڊپٽي پراسيڪيوٽر عدالت کي ٻڌايو ته عمران خان کي گرفتاري وقت وارنٽ ڏيکاريا ويا هئا.ان تي عمران خان چيو ته نيب آفيس پهچڻ کانپوءِ جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ ڏنا ويا، ڊپٽي پراسيڪيوٽر عدالت ۾ چيو ته عمران خان جي وڪيلن کي سمورا ضروري دستاويز فراهم ڪيا ويندا.عمران خان جي ڪيس جي ٻڌڻي لاءِ نوٽيفڪيشن ذريعي پوليس لائن کي هڪ ڀيرو عدالت جو درجو ڏنو ويو آهي.پوليس لائنز ٻاهران ڪنٽينر رکيا ويا آهن ۽ پوليس جي وڏي نفري تعينات ڪئي وئي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو