ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)پي ٽي آءِ جي وائيٽ پيپر تي صوبائي مڪاني ادارن واري وزير سيد ناصر حسين شاهه جو تبصرو ڪندي چيو آهي ته عمران نيازي وائيٽ پيپر شايع ڪرڻ بدران پنهنجي 4 سالن جي حڪومت جو خالي پيپر شايع ڪري ڇڏيو، عمران خان پنهنجي چئن سالن جي دور ۾ ملڪ جي معيشت، گورننس، سياسي قدرن ۽ ادارن کي تباهه ڪري ڇڏيو، اڄ عمران نيازي هڪ ڀيرو ٻيهر اسٽيبلشمينٽ کان اعتماد جو مطالبو ڪري رهيو آهي، جيڪڏهن عمران نيازي کي سندس ئي اڳوڻن وزيرن ۽ صلاحڪارن تي اعتبار ناهي ته هو مٿس ڪيئن ڀروسو ڪندا؟ عمران خان جو چوڻ آهي ته شهباز شريف جنرل باجوه جي مدي ۾ واڌ جو واعدو ڪيو هو، ان ڪري کيس حڪومت ملي .عمران نيازي کي ياد هوندو ته هن پاڻ جنرل باجوه کي تاحيات آرمي چيف بڻائڻ جي آڇ ڪئي هئي.عمراني دور ۾ ڪيترا صحافي گرفتار ٿيا، ڪيترين کي برطرف ڪيو ويو ۽ ڪيتري بي عزتي ڪئي وئي، ان جو وائيٽ پيپر هئڻ گهرجي عمران خان جي اقتدار ڇڏڻ کي هڪ سال مڪمل ٿيڻ تي يوم آزادي، يوم عدم اعتماد ۽ جمهوريت جو ڏهاڙو ملهايو پيو وڃي










