عمران خان مٿان حملي جي جاچ لاءِ قائم ڪيل جي آءِ ٽي جو سربراهه تبديل

عمران خان مٿان حملي جي جاچ لاءِ قائم ڪيل جي آءِ ٽي جو سربراهه تبديل

اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) پنجاب حڪومت عمران خان مٿان فائرنگ جي جاچ لاءِ جوائنٽ انٽيروگيشن ٽيم ۾ تبديلي ڪري ڇڏي آهي. آر پي او ڊيره غازي سان سيد خرم علي کي ڪميٽي جو نئون سربراهه مقرر ڪيو ويو آهي.رپورٽ موجب پنجاب حڪومت هڪ ڏينهن اڳ وزيرآباد حملي جي جاچ لاءِ ڪميٽي قائم ڪئي هئي جنهن ۾ پنجاب جي گهرو وزارت، ڊي آءِ جي اسٽيبلشمينٽ سي پي او لاهور طارق رستم چوهاڻ کي جي آءِ ٽي جو سربراهه بنايو هو. جڏهن ته آر پي او ڊي جي خان سيد خرم علي ۽ آءِ جي انويسٽيگيشن برانچ پنجاب احسان الله چوهاڻ، ضلعي پوليس آفيسر وهاڙي محمد ظفربزدار ۽ ايس پي سي ٽي ڊي نصيب الله خان کي بطور ميمبر طور شامل ڪيو ويو هو.اڄ پنجاب حڪومت جي آءِ ٽي ۾ تبديلي ڪندي ڪميٽي جو سربراهه آر پي او ڊي جي خان خرم علي کي مقرر ڪيو ويو آهي. جڏهن ته ڪالهه ٺاهيل سربراهه طارق رستم چوهاڻ کي بطور ميمبر شامل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ٻيا ميمبر برقرار آهن. پنجاب حڪومت طرفان جوڙيل اها جي آءِ ٽي وزيرآباد سانحي بابت مڪمل جاچ ڪندي ۽ پنهنجي رپورٽ صوبائي گهرو وزير کي پيش ڪندي.

پهنجو تبصرو موڪليو