عمران خان اليڪشن ڪمشنر کان استيعفيٰ ڏيڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو

عمران خان اليڪشن ڪمشنر کان استيعفيٰ ڏيڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو

اسلام آباد(بيورو)پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين ۽ اڳوڻي وزير اعظم عمران خان مبينا ڌمڪين واري خط تي سپريم ڪورٽ کي اوپن ٻڌڻي جو مطالبو ڪيو آهي عمران خان ڪارڪنن کي وفاقي راڄڌاني اسلام آباد ۾ مارچ لاءِ تياري ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي اڳوڻي وزير اعظم عمران خان چيو ته پي ٽي آءِ 27 رمضان شريف تي يومِ دعا ملهائيندي ۽ جلد ئي ڪارڪنن کي حقيقي آزادي لاءِ اسلام آباد ڏانهن مارچ جو سڏ ڏينداسين عمران خان چيو ته قومي سلامتي ڪميٽي تسليم ڪيو ته خط حقيقت آهي، جنهن ۾ تڪبر سان ڌمڪي ڏني وئي هئي ۽ تڪبر ۾ چيو ويو هو ته عمران خان کي هٽايو ويو ته معافي ڏني ويندي هن چيو ته اسان چاهيون ٿا ته خط جي جاچ لاءِ سپريم ڪورٽ اوپن ٻڌڻي ڪري ته جيئن ماڻهن کي پتو پوي ته ڪهڙا ماڻهو پرڏيهي سفارتخاني ويندا هئا

پهنجو تبصرو موڪليو