2009 جو ٽي 20 ورلڊ ڪپ ۽ 2012 ايشيا ڪپ کٽيندڙ پاڪستاني ٽيم جي ميمبرن عمر گل ۽ سعيد اجمل کي بالترتيب پاڪستاني ڪرڪيٽ ٽيم جو فاسٽ بالنگ ۽ اسپن بالنگ ڪوچ مقرر ڪيو ويو آهي.ٻنهي جي پهرين اسائنمينٽ آسٽريليا ۾ ٽيسٽ سيريز ۽ نيوزيلينڊ ۾ ٽي 20 سيريز هوندي.عمر گل ان کان اڳ افغانستان خلاف ٽن ميچن جي ٽي ٽوئنٽي سيريز ۾ بالنگ ڪوچ جو ڪردار ادا ڪري چڪو آهي، ان کان علاوه گذريل سال ٽي 20 ورلڊ ڪپ ۾ افغانستان ڪرڪيٽ ٽيم جو بالنگ ڪوچ ۽ پي ايس ايل ۾ ڪوئيٽا گليڊي ايٽرز جو بالنگ ڪوچ به رهيو آهي. پڻ ڪوچ رهيو.عمرگل 2003ع ۾ شروع ٿيندڙ پنهنجي شاندار انٽرنيشنل ڪيريئر ۾ 47 ٽيسٽ ميچن ۾ 163 وڪيٽون، 130 ون ڊي انٽرنيشنل ميچن ۾ 179 وڪيٽون ۽ 60 ٽي ٽوئنٽي انٽرنيشنل ميچن ۾ 85 وڪيٽون حاصل ڪيون. اڳوڻو عالمي نمبر ون ون ڊي بالر سعيد اجمل به آسٽريليا ۽ نيوزيلينڊ جي دوري ۾ فرائض جي شروعات ڪندو.هن پنهنجي انٽرنيشنل ڪيريئر جي شروعات 2008ع ۾ ڪئي ۽ پنهنجي انٽرنيشنل ڪيريئر ۾ 35 ٽيسٽ، 113 ون ڊي ۽ 64 ٽي ٽوئنٽي انٽرنيشنل ميچن ۾ ڪل 447 وڪيٽون ورتيون، هو پي ايس ايل ۾ اسلام آباد يونائيٽيڊ جو اسپن بالنگ ڪوچ پڻ رهي چڪو آهي. عمر گل پنهنجي مقرري کي اعزاز سمجهندي پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ مئنيجمينٽ ڪميٽي جي چيئرمين ذڪا اشرف جو شڪريو ادا ڪيو ۽ چيو ته پاڪستان ٽيم سان گڏ گذريل تجربي جي روشني ۾ هو پنهنجي ڪوچنگ صلاحيتن کي استعمال ڪندي ٽيم جي بالنگ کي نئين بلندين تي وٺي وڃڻ جي ڪوشش ڪندو. سعيد اجمل جو اهو به چوڻ هو ته ذڪا اشرف جو شڪر گذار آهيان هن ذميواري جو موقعو فراهم ڪيو. مان پاڪستاني ٽيم ۾ اسپن بالنگ جي ترقي ۾ ڪردار ادا ڪندي خوشي محسوس ڪريان ٿو ۽ اميد ڪريان ٿو ته منهنجو ڪيريئر ۽ تجربو ٽيم ۾ اسپن بالنگ جي ترقي ۾ مددگار ثابت ٿيندو.










