راولپنڊي (ويب ڊيسڪ)راولپنڊي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت پي ٽي آءِ اڳواڻ عمر ايوب ۽ راجا بشارت جي ضمانت منظور ڪندي کين آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.گذريل ڏينهن اڊيالا جيل مان گرفتار پي ٽي آءِ اڳواڻن کي اڄ دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ پيش ڪيو ويو. عمر ايوب خان، راجا بشارت ۽ ناصر چٺا سميت گرفتار 5 اڳواڻن کي اي ٽي سي جج امجد علي شاهه جي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو.عمر ايوب ۽ راجا بشارت جا وڪيل بابر اعواڻ عدالت ۾ پيش ٿيا ۽ گرفتاري کانپوءِ درخواست تي پنهنجا دليل ڏنا. عدالت گرفتاري بعد عمر ايوب ۽ راجا بشارت سميت پي ٽي آءِ جي 5 اڳواڻن جي ضمانت منظور ڪري ورتي، عدالت عمر ايوب ۽ راجا بشارت کي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. بعد ۾ عدالتي ڪارروائي مڪمل ٿيڻ بعد عمر ايوب ۽ راجا بشارت کي آزاد ڪيو ويو.عدالت گذريل ڏينهن ايس پي راولپنڊي نبيل کوکر سميت 5 آفيسرن کي توهين عدالت جا نوٽيس جاري ڪيا هئا، عدالتي حڪمن باوجود عمر ايوب ۽ ٻين اڳواڻن کي پيش نه ڪرڻ تي پوليس آفيسرن کي توهين عدالت جا نوٽيس جاري ڪيا ويا هئا.ان کان علاوه اي ٽي سي عدالت اڊيالا جيل ۾ ٻڌڻي جي موقعي تي ڪنهن به جوابدار کي جيل جي حد اندر گرفتار نه ڪرڻ جا حڪم جاري ڪيا.










