اسلام آباد (بيورو رپورٽ)خيبر پختونخواهه جي وڏي وزير سهيل آفريدي چيو آهي ته عليمه باني جي ڀيڻ آهي، کيس سياست ۾ نه گهليو وڃي.وفاقي راڄڌاني اسلام آباد ۾ ڪي پي هائوس ٻاهران ڳالهائيندي هن چيو ته اسان جا مطالبا هئا ته پي ٽي آءِ جي باني کي سندس ذاتي ڊاڪٽر ۽ خاندان سان ملڻ جي اجازت ڏني وڃي، جڏهن ته اسان جي مطالبن ۾ ڪا به رپورٽ شامل نه هئي.سهيل آفريدي چيو آهي ته حڪومت پي ٽي آءِ جي باني لاءِ ذاتي ڊاڪٽر جي اجازت نه ڏئي رهي آهي، اسان کان ڇا لڪايو پيو وڃي؟ حڪومت اسان جي هڪ به مطالبي کي پورو نه ڪيو آهي.هن چيو آهي ته پي ٽي آءِ جي باني کي ذاتي ڊاڪٽر کان علاج ڪرائڻ جو آئيني ۽ قانوني حق آهي.خيبر پختونخواهه جي وڏي وزير چيو آهي ته اسان محمود اچڪزئي ۽ راجا ناصر عباس جي سڏ تي هتي ويٺا آهيون.سهيل آفريدي اهو به چيو آهي ته جڏهن ته ڪي پي ۾ ماڻهو پاڻ احتجاج ڪري رهيا آهن، اسان ڪال نه ڏني آهي.










