ڪراچي (ويب ڊيسڪ) گلوڪار ۽ اداڪار علي ظفر جي درخواست تي سوشل ميڊيا تي سندس خلاف مهم هلائيندڙ 9 ڄڻن تي ايف آءِ اي جي سائبر ڪرائيم ونگ ڪيس داخل ڪري ورتو آهي. هن ڏنل درخواست ۾ چيو ته کيس پرائيڊ آف پرفارمنس ملڻ تي لاڳاپيل ماڻهو سندس خلاف تنقيد ڪندي ناقابل قبول زبان استعمال ڪندي سندس ڪردار ڪشي ڪئي آهي. ايف آءِ اي وارن جو چوڻ آهي ته هنن ملزمن کي ٽي ڀيرا موقعو ڏنو جنهن بعد سندن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.










