ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) حضرت عبدالله شاهه غازي جي مزار ويجهو شهري تي بدترين تشدد ڪيو ويو.حضرت عبدالله شاهه غازي جي مزار ويجهو هڪ شهري تي تشدد ڪيو ويو، جنهن جي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي آهي.ٽريفڪ پوليس موجب، شهري زبردستي بند ٿيل رستي تان وڃڻ چاهيو ٿي، جڏهن اهلڪارن منع ڪيو ته شهري بدتميزي ڪئي، جنهن تي ٽريفڪ اهلڪار طيش (غصي) ۾ اچي ويا ۽ شهري تي تشدد ڪيو.










