غزهه (ويب ڊيسڪ)اسرائيل غزه ڏانهن امداد ۽ تجارتي سامان جي نقل و حمل لاءِ اردن سان گڏ ايلنبي ڪراسنگ کي ٻيهر کولڻ جو اعلان ڪيو آهي.23 سيپٽمبر کان بند ڪراسنگ اڄ ٻيهر کلي ويندي. اسرائيلي سيڪيورٽي عملدارن چيو ته ڪراسنگ کولڻ کان پوءِ، ڊرائيورن ۽ ڪارگو ٽرڪن جي سختي سان اسڪريننگ ڪئي ويندي ۽ ان سلسلي ۾ هڪ خاص سيڪيورٽي فورس مقرر ڪئي وئي آهي.ٻئي طرف، فلسطيني مزاحمتي تنظيم حماس خبردار ڪيو آهي ته جيڪڏهن اسرائيلي فوج غزه جنگ بندي جي خلاف ورزي جاري رکي ته جنگ بندي ٻئي مرحلي ۾ نه ويندي.حماس پڻ ثالثن تي زور ڏنو ته اهي معاهدي تي مڪمل طور تي عمل درآمد لاءِ اسرائيل تي دٻاءُ وجهن.10 آڪٽوبر جي معاهدي جي باوجود، غزه ۾ اسرائيلي فوج جي حملن ۾ 370 کان وڌيڪ فلسطيني شهيد ٿي چڪا آهن.










