حبيب ٽالاڻي
جڏھن دنيا ۾ موجود مختلف عالمي ادارا پنھنجي غلط پاليسين جي ڪري پنھنجي حيثيت ۽ اھميت وڃاـٔي ويھن ۽ عالمي برادري جي حوالي سان برابري ۽ انصاف واري پنھنجي بنيادي اصول کان ھٽي وڃن ۽ بنا ڪنھن رنگ نسل زبان مذھب ۽ جاگرافياـٔي فرق جي دنيا جي عام ماڻھن کي انصاف جي فراھمي توڙي انھن جي جان مال عزت وصيلن سميت سڀني انساني بنيادي حقن جي تحفظ کي يقيني بڻاـٔڻ توڙي مختلف ملڪن وچ ۾ پيدا ٿيندڙ تڪرارن کي انصاف جي اصولن مطابق حل ڪرڻ بدران دنيا جي ھڪ مخصوص طاقتور ٽولي جي ھٿن ۾ يرغمال بڻجي انصاف تي ٻڌل فيصلا ڪرڻ بدران من پسند فيصلا ڪرڻ شروع ڪن ته پوء اھڙا عالمي ادارا دنيا جي مظلوم ۽ محڪوم قومن جي حقن جو تحفظ توڙي دنيا ۾ امن قاـٔم ڪرڻ ۾ بلڪل ناڪا ٿي ويندا آھن پوء اھڙي صورتحال ۾ اھي ادارا نه صرف مظلوم قومن جي حقن جي تحفظ ڪرڻ واري بنيادي اصول کان ھٽي ويندا آھن پر اتي اھڙا ادارا دنيا جي غريب ملڪن جي ماڻھن سان طاقتور ملڪن پاران ٿيندڙ ظلم ڏاڍ وسيلن تي قبضا ناانصافين توڙي قتل عام کي بند ڪراـٔڻ لاء ڪردار ادا ڪندي مظلومن جي پاسي بيھڻ بدران طاقتور ٽولي جي پاسي ٿي بيھندا آھن ۽ طاقتور ڌر جي ھر غيرقانوني قدم کي قانوني ليبل پڻ لڳاـٔي ڇڏيندا آھن جنھن ڪري عالمي ادارن جي حثيت دنيا جي طاقتور ملڪن اڳيان ختم ٿيندي پـٔي وڃي ان ڪري عالمي ادارن کي اسان صرف طاقتور ملڪن جي مفادن اڳيان سر جھڪاـٔي بيٺي ڏسندا آھيون جڏھن دنيا ۾ عالمي ادارا توڙي عالمي قوتون دنيا جي ڪنھن به ڪنڊ ۾ ڪنھن به ھڪ قوم نسل ۽ مذھب جي ماڻھن سان ٿيندڙ ناانصافين تي آواز اٿارڻ بدران خاموشي اختيار ڪري اکين تي ڪاريون پٽي ٻڌي انڌا بڻجي وڃن ته پوء اھڙن حالتن ۾ دنيا جي سلامتي تي ضرور سواليا نشان لڳي ويندا آھن؟ جيڪڏھن دنيا ۾ ظلم ۽ ناانصافي کي منھن ڏيندڙ قومون پاڻ کي غير محفوظ محسوس ڪنديون ته پوء اھڙين حالتن ۾ ڀلا اھو ڪيـٔن ممڪن ٿي سگھي ٿو ته دنيا ۾ امن قاـٔم ٿـٔي؟ ظاھرآھي جڏھن طاقتورن جو ظلم وسيلن جي ڦرلٽ ملڪن تي ٿيندڙ قبضا قومن تي زبردستي قابض ٿيڻ انتھا جي حد تاـٔين پھچي وڃي ته پوء ڪنھن به قوم وٽ ظلم خلاف ويڙھ سواء ڪا واٽ ناھي بچندي مقبوضا ڪشمير ۽ فلسطين ان جا مثال آھن جتي مظلوم ۽ محڪوم قومون پنھنجي حقن ۽ آزادي خاطر ھر طرح جي ويڙھ وڙھن پيا پر عالمي برادري ۽ ادارا اکيون بند ڪري مظلومن بدران ظالمن جي پاسي بيٺا آھن جنھن جي ڪري ـٔي ڏھاڪن سالن کان انڊيا ۽ اسراـٔيل مظلومن خلاف طاقت جو استعمال ڪري نسل ڪشي ڪري رھيا آھن پر اھڙي ظلم خلاف جتي عالمي ادارا عالمي قانون مطابق ڪجھ به ڪرڻ ڪرڻ کان لاچار بڻيل آھن اتي دنيا جون طاقتور قوتون پڻ خاموش آھن ھاڻي جڏھن دنيا ۾ مقبوضا ڪشمير غزا ۽ دنيا جي ٻين ڪيترن ـٔي خطن ۾ مختلف قومن سان ٿيندڙ ظلم جاري ھجي ۽ عالمي ضمير جي مڪمل خاموشي به ھجي ته پوء دنيا لاء عالمي امن ۽ سلامتي خواب ـٔي ٿي سگھي ٿو ان جو حقيقت سان ڪو به واسطو نه ٿو ٿي سگھي دنيا اندر عالمي ادارن ۽ طاقتور قووتن جي اھڙين پاليسين جي ڪري جمون ڪشمير ۾ ڪيترين ـٔي ڏھاڪن کان انڊيا ڪشميرين جو بيدردي سان قتل عام ڪري رھيو آھي ڪشيمري مسلمانن کي انھن جا بنيادي انساني حقوق حاصل ناھن نه صرف مسلمانن پر سڄي انڊيا ۾ ٻين اقليتن کي به انھن جا بنيادي سياسي سماجي مذھبي توڙي معاشي حق حاصل ناھن فلسطين ۾ مسلمانن جي نسل ڪـشي ٿيندي رھي آھي اقوام متحدا جھڙو عالمي ادارو به امريڪا اڳيان بيوس نظرايندو رھيو اسراـٔيل خلاف اقوام متحدا ۾ جيڪي قراردادون پاس ٿينديون رھيون انھن کي ويٽو جو منھن ڏسڻو پيو انھن ٻنھي تڪرارن مطلب جمون ڪشير ۽ فلسطين جي ڪري ڪيتراـٔي ڀيرا مختلف وقتن تي جنگون لڳـڻ سبب لکين ھزارين ماڻھو متاثر ٿيا ان باوجود عالمي ادارن توڙي عالمي برادري ۽ طاقتن ڪڏھن انھن مسـٔلن جي پرامن ۽ انصاف جي بنيادي اصولن مطابق حل لاء جوڳا اپاء نه ورتا نه صرف اھو پر سڄي دنيا ڄاڻي ٿي ته انڊيا افغانستان ۾ ويھي ڪري پاڪستان ۾ دھشتگردي ڪندڙ ٽي ٽي پي ۽ ٻين تنظيمن کي سکيا سھولتون ۽ مالي مدد فراھم ڪري پيو پر عالمي ادارا ۽ طاقتون خاموش آھن پر ٻـٔي پاسي ناـٔن اليون واري واقعي کان پوء امريڪا اقوام متحدا يورپ سميت سڀـٔي طاقتور ڌريون اڳيان آيون ۽ ڪيـٔن افغانستان مان طالبان حڪومت جو خاتمو آندو ويو اڄ ان ـٔي افغانستان ۾ اھي ـٔي طالبان ويھي پاڪستان اندر دھشتگردي ڪري رھيا آھن پر عالمي ادارا زبان خرچ کان وڌيڪ ڪجھ به ڪرڻ کان قاثر آھن انڊيا غيرقانوني طور تي سنڌ طاس مھادو ٽوڙي عالمي قانونن جي نڙي تي لت رکي سنڌو جو پاڻي کڻي پيو عالمي ادارا توڙي عالمي طاقتون خاموش آھن دنيا ۾ اھڙا ٻيا به کوڙ تڪرار موجود آھن جيڪي فوري طور تي برابري ۽ انصاف جي بنيادي اصولن مطابق حل طلب آھن جن کي حل نه ڪرڻ سان وڏي تباھي اچي سگھي ٿي جنھن جا اثر سڄي دنيا تي پـٔجي سگھن ٿا انھن تڪرارن جي حل لاء جتي انصاف جا عالمي ادارا خاموش آھن اتي عالمي طاقتون به پنھنجو ڪردار ادا ڪرڻ لاء تيار ناھن باقي دنيا جو اھو ـٔي ترقي يافتا ۽ طاقتور ٽولي پنھنجي ذاتي عالمي مفادن خاطر جڏھن چاھيو عالمي ادارن جي ڪلھن تي چڙھي دنيا جي مختلف ملڪن تي حملا ڪري اتان جون حڪومتون ختم ڪري اتي پنھنجي پسند جون حڪومتون قاـٔم ڪري انھن ملڪن کي پنھنجي ڪالوني بڻاـٔي ڇڏيو پر عالمي قووتن دنيا ۾ امن قاـٔم ڪرڻ لاء ڪڏھن به پنھنجي ذاتي مفادن کان مٿاھون ٿي ڪم ناھي ڪيو ان ڪري اڄ به ھي دنيا بارود جي ڍير تي بيٺي آھي بس ھڪ تيلي لڳاـٔڻ جي ضرورت آھي جنھن سان لکين انساني جانيون اجل جو شڪار ٿي سگھن ٿيون ھاڻي دنيا ۾ جڏھن مختلف ملڪن وچ ۾ ايڏا وڏا تڪرار برقرار ھجن سو به اھڙي حالتن ۾ جڏھن دنيا جي مختلف ملڪن وٽ جديد جنگي ھٿيار ھجڻ سان گڏوگڏ ايٽمي ھٿيار به ھجن ۽ ھر وقت وڏي خوف ناڪ جنگ جا خطرا موجود ھجن ته پوء اھڙين حالتن ۾ اھو ڪيـٔن ممڪـن آھي ته ھي دنيا مستقبل ۾ جنگن کان محفوظ رھي سگھي؟ اھڙن عالمي حالتن جي ڪري ـٔي امريڪي ٿنڪ ٽينڪ ڪاؤنسل آف فارين رليشنز ايندڙ سال 2026 بابت ھڪ عالمي رپورٽ جاري ڪندي ڄاڻايو آھي ته سال 2026 ۾ عالمي سطح تي دنيا ۾ ڪيتراـٔي سنگين مسـٔلا پيدا ٿيڻ جا امڪان نظر اچن پيا ان رپورٽ موجب ته ٻي عالمي جنگ کان پوء دنيا ۾ ايندڙ سال عالمي امن کي سڀني کان وڌيڪ خطرا درپيش ٿيندا توڙي جو ان رپورٽ ۾ چين تاـٔيوان ڇڪتاڻ اسراـٔيل فلسطين روس يوڪريـن انڊيا پاڪستا ۽ پاڪستان افغانستان سميت ٻين ڪيترن ـٔي ملڪن وچ ۾ ھلندڙ تڪرارن بابت ذڪر ڪيو ويو آھي پر امريڪي ٿنڪ ٽينڪ رپورٽ ۾ اھو ناھي ڄاڻايو ويو ته دنيا ۾ امن قاـٔم ڪرڻ لاء عالمي برادري کي ڪھڙا قدم گھڻڻ گھرجن جيـٔن دنيا اندر امن قاـٔم ڪري سگھجي ان رپورٽ ۾ وڌيڪ ڄاڻايو ويو آھي ته انڊيا پاڪستان ۽ پاڪستان افغانستان وچ ۾ ڪنھن به وقت ھڪ ڀيرو ٻيھر جنگ لڳي سگھي ٿي امريڪي ٿنڪ ٽينڪ رپورٽ ۾ ان نقطي کي واضع ڪري ظاھر ڪيو ويو ته انڊيا پاڪستان وچ ۾ ٻيھر جنگ لڳي سگھي ٿي پر ان ھوندي به عالمي ادارا توڙي طاقتون اقوام متحدا جي قراردادن مطابق ڪشمير مسـٔلي جي حل لاء ڪي به ڪوششون نه پيا ڪن ۽ ماضي وانگي خاموشي اختيار ڪيون ويٺا آھن جنھن جي ڪري برصغير ۾ ڪنھن به وقت ھڪ خطرناڪ جنگ لڳي سگھي ٿي امريڪي ٿنڪ ٽينڪ رپورٽ ۾ روس نيٽو ڇڪتاڻ امريڪا وينزويلا ڇڪتاڻ ڪانگو ۽ شمالي ڪوريا سميت دنيا جي مختلف ملڪن ۾ موجود مختلف تڪرارن جو ذڪر به ڪيو ويو آھي
ضرورت ان ڳالھ جي آھي ته اقوام متحدا سميت عالمي برادري پاڪستان ھندستان پاڪستان افغانستان روس يوڪراـٔن وينزويلا امريڪا فلسطين اسراـٔيل سميت مخلف ملڪن وچ ۾ ھلندڙ تڪرارن جي حل لاء ڪردار ادا ڪري جيـٔن دنيا جي سلامتي مٿان لامارا ڏيندڙ جنگ جا ڪڪر ھٺي وڃن ۽ ھي دنيا انسان ذات لاء ھڪ پرامن سک شانتي ڀريو مقام بڻجي سگھي جتي بندوقن بم گولن جي ڌماڪن ۽ ٺڪاـٔن بدران امن آزادي ۽ خوشحالي جا گيت ٻڌڻ ۾ اچن جتي بارود جي بوء بدران محبت جي خوشبوء جو ھٻڪاء ھجي جتي بنا ڪنھن رنگ نسل زبان مذھبي ۽ جنسي فرق جي ھر قوم گروھ ۽ فرد کي مڪمل سياسي سماجي معاشي ۽ مذھبي آزادي ميسر ھجي










