طورخم سرحد کلي وئي، پيادن ۽ گاڏين جي اچ وڃ شروع

طورخم سرحد کلي وئي، پيادن ۽ گاڏين جي اچ وڃ شروع

خيبر(ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۽ افغانستان وچ ۾ ٻطرفي واپار ۽ پيدل اچ وڃ لاءِ طورخم بارڊر کلي وئي آهي. ٻنهي پاڙيسري ملڪن جي لاڳاپيل عملدارن ۾ ڪامياب ڳالهين کانپوءِ خميس تي صبح 8:30 تي بارڊر ڪراسنگ ٻيهر کولي وئي هئي. پاڪستان ۽ افغانستان جي سرحدي سيڪيورٽي گارڊن وچ ۾ افغانستان واري پاسي هڪ تڪراري پوسٽ جي اڏاوت تي فائرنگ جي ڏي وٺ کانپوءِ سومر جي منجهند تي اوچتو بند ڪئي وئي هئي. بارڊر جي بندش سبب ٻنهي پاسي سوين گاڏيون ڦاسي پيون هيون. جڏهن ته وڏي انگ ۾ پيادل مسافرن کي واپس پنهنجن علائقن ڏانهن وڃڻو پيو. جڏهن ته، ٻه طرفي واپار جي بحالي ۽ اچ وڃ لاءِ، عارضي داخلا جي دستاويزن (TAD) جي بنياد تي جاري آهي جيڪي ه دفعو جاري ٿيڻ بعد 6 مهينن تائين ويلڊ هوندا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو