طالبان جو ترجمان ڪاررواين کي لڪائڻ جي ڪوشش پيو ڪري

طالبان جو ترجمان ڪاررواين کي لڪائڻ جي ڪوشش پيو ڪري

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اطلاعات واري وزارت جو چوڻ آهي ته افغان طالبان حڪومت جي نائب ترجمان جو بيان ان جي خوفناڪ ڪاررواين کي لڪائڻ جي ناڪام ڪوشش آهي.
اطلاعات واري وزارت موجب، افغان طالبان حڪومت جان بوجھ ڪري باجوڙ ضلعي ۾ شهري آبادي کي نشانو بڻايو. حملي ۾ چار بيگناهه شهري مارجي ويا ۽ هڪ 5 سالن جو ٻار سخت زخمي ٿيو.
اطلاعات واري وزارت جو چوڻ آهي ته افغانستان ۾ هٿياربند فوج جون ڪارروايون دهشتگردن جي ٺڪاڻن تائين محدود آهن.پاڪستان افغان طالبان حڪومت جي مصنوعي ذهانت سان تيار ڪيل تصويرن ۽ وڊيوز تي ڀروسو نٿو ڪري. طالبان حڪومت جي سرڪاري چينلن جا ڪوڙ انهن کي اندروني ۽ بين الاقوامي سطح تي بي نقاب ڪري رهيا آهن.
ياد رهي ته باجوڙ ۾ سرحد پار کان افغان طالبان جي پاڪستان تي حملي ۾ 4 شهري شهيد ٿي ويا هئا.

پهنجو تبصرو موڪليو