طالبان جي فائرنگ، پاڪ فوج جي جواب ۾ پوسٽون تباهه

طالبان جي فائرنگ، پاڪ فوج جي جواب ۾ پوسٽون تباهه

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)طورخم ۽ تيره تي پاڪ-افغان سرحد تي افغان طالبان پاران بنا ڪنهن اشتعال جي فائرنگ، پاڪستاني سيڪيورٽي فورسز پاران فوري ۽ اثرائتي جواب.سيڪيورٽي فورسز پاران جوابي ڪارروائي طالبان جي جارحيت کي خاموش ڪري ڇڏيو.وزيراعظم جي بين الاقوامي ميڊيا جي ترجمان مشرف زيدي چيو ته ڪنهن به وڌيڪ اشتعال انگيز ڪارروائي جو فوري ۽ سخت جواب ڏنو ويندو.هن چيو ته پاڪستان پنهنجي شهرين ۽ علائقائي سالميت جي دفاع لاءِ پرعزم آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو