هڪ کانسواءِ سڀ ٻيڙيون ۽ مسافر محفوظ ۽ حراست ۾ آهن، ترجمان

هڪ کانسواءِ سڀ ٻيڙيون ۽ مسافر محفوظ ۽ حراست ۾ آهن، ترجمان

غزه (ويب ڊيسڪ) اسرائيل جي پرڏيهي کاتي جي ترجمان اعلان ڪيو آهي ته فلوٽيلا ۾ شامل هڪ کانسواءِ سڀ ٻِيڙيون ۽ انهن ۾ سوار مسافر سندن تحويل ۾ آهن. سڀني مسافرن کي اسرائيل آندو ويندو جنهن بعد کين يورپ ڏانهن ڊي پورٽ ڪيو ويندو. ترجمان موجب سڀ مسافر خيريت سان آهن. هڪ ٻيڙي جيڪا اڳتي نڪري وئي آهي اها جيڪڏهن جني علائقي ۾ داخل ٿي ته ان کي به روڪيو ويندو. ان کان اڳ سمنڊ ذريعي غزه لاءِ انساني همدردي هيٺ امدادي سامن کڻي ويندڙ ٻيڙين جي قافلي تي اسرائيلي فوج جي حملي جي خبر آئي هئي. فلوٽيلا جي ترجمان سيف ابوڪيشڪ انسٽاگرام پوسٽ ذريعي ٻڌايو آهي ته اسرائيلي نيوي واٽر ڪينن فائر ڪندي 13 ٻيڙين ۾ 201 مسافرن کي گرفتار ڪيو آهي، جن ۾ پاڪستان جو سينيٽر مشتااق احمد خان، سيد عذير نظامي، سوئيڊن جي نامياري انساني حقن جي ڪارڪن گريٽا ٿنبرگ سميت سندسن ساٿين کي حراست ۾ ورتو آهي ۽ کين اسرائيلي بندرگاهه منتقل ڪيو پيو وڃي. پاڪستان جي وزيراعظم شهباز شريف ايڪس تي جاري ڪيل بيان ۾ اسرائيلي فوج جي بذدلاڻي ڪاروائي جي مذمت ڪندي چيو آهي ته امدادي قافلو پرامن آهي، جنهن ۾ 44 ملڪن جي 40 ٻيڙين  واري فلوٽيلا ۾ 450 کان مٿي انساني حقن جا ڪارڪن شامل آهن. الجزيره جي ندا ابراهيم، اسرائيلي ميڊيا جو حوالو ڏيندي ٻڌايو آهي ته عالمي صمود فلوٽيلا جي 13 ٻيڙين کي اسرائيلي فوج روڪي ڇڏيو آهي ۽ امڪان آهي ته وڌيڪ ٻيڙين کي به روڪيو ويندو ۽ انهن ۾ سوار امدادي ڪارڪنن کي گرفتار ڪيو ويندو. هن ٻڌايو آهي ته فلوٽيلا جي حفاظت ۽ معلومات گڏ ڪندڙ ٻيڙي مورگانا اسرائيل فوج کي چڪمو ڏئي کسڪي وئي آهي. قافلي ۾ شامل ٻيڙيون غزه طرف وڌي رهيون آهن ۽ رڳو 50 ناٽيڪل ميل جي فاصلي تي آهن. الجزيره پنهنجي رپورٽ ۾ ٻڌايو آهي ته “اسرائيلي فوجين سامونڊي جهازن ۽ ٻيڙين تي سوار ٿي ڪيترن ئي ڪارڪنن کي گرفتار ڪري ڇڏيو آهي. جيڪي گرفتار ڪيا ويا آهن، اهي عام طور تي هڪ قانوني عمل مان گذرندا آهن، پر اسرائيل في الحال يوم ڪپور جي موڪل سبب تقريباً مڪمل طور تي بند آهي.” ندا ابراهيم موجب “ان جو مطلب آهي ته عدالتون ۽ جيل انتظاميا ڪم نه پيا ڪن، جنهن ڪري گرفتار ڪارڪن هڪ بي يقيني واري حالت ۾ آهن. دلچسپ ڳالهه اها آهي ته اسرائيل جي پرڏيهي وزارت موڪل دوران به ڪم ڪندي رهي آهي ۽ فلوٽيلا بابت بيان جاري ڪري رهي آهي.” ٻيڙين ۾ سوار 40 کان وڌيڪ ملڪن جي شهرين سوشل ميڊيا ذريعي دنيا ڀر جي ماڻهن کي اپيل ڪئي آهي ته هو روڊن تي نڪرن، اسرائيلي سفارتخانن جي سامهون احتجاج ڪن، شهرن کي بلاڪ ڪن جيئن دنيا جو اسرائيلي ظلمن خلاف ڌيان ڇڪائي سگهجي. جنهن بعد يونان، اٽلي، اسپين، ترڪيه سميت دنيا جي مختلف ملڪن جي شهرن ۾ احتجاجي جلوس به نڪتا آهن. ٻئي پاسي پاڪستان جي وزيراعظم شهباز شريف جاري ڪيل بيان ۾ اسرائيلي حملي ۽ گرفتارين جي مذمت ڪندي چيو آهي ته امدادي ڪارڪنن جي گرفتاري انسانيت خلاف ڏوهه آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو