صدر ۽ وزيراعظم پاران هندو برادري کي ديوالي جون مبارڪون

صدر ۽ وزيراعظم پاران هندو برادري کي ديوالي جون مبارڪون

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)صدر آصف علي زرداري ۽ وزيراعظم شهباز شريف ڌار ڌار جاري ڪيل بيانن ۾ پاڪستان جي هندو برادري کي ديوالي جي موقعي تي مبارڪون ڏنيون ۽ اقليتن جي حقن جي واعدي کي ٻيهر ورجايو آهي. ديوالي هڪ رنگين تهوار آهي، جنهن ۾ ڏيئا ٻاريا وڃن ٿا، پوڄا، جشن ۽ دعائون ڪيون وڃن ٿيون. اهو تهوار ان ڏينهن جي ياد ۾ ملهايو ويندو آهي، جڏهن ڀڳوان رام پنهنجي چوڏنهن سالن جي جلاوطني کان پوءِ گهر واپس آيو هو. هي پنج ڏينهن وارو تِـهوار آهي، جنهن دوران گهر صاف ڪيا وڃن ٿا ۽ دولت جي ديوي لڪشمي کي ڀليڪار ڪرڻ لاءِ ونڊوز کوليون وڃن ٿيون. ريڊيو پاڪستان جي مطابق، صدر زرداري چيو ته ديوالي جو تِهوار “اسان کي روشني جي اوندهه تي ۽ سٺائي جي بدي تي فتح جي ياد ڏياري ٿو.” صدر وڌيڪ چيو ته پاڪستان جو آئين سڀني شهريـن کي مساوي حق ۽ مذهب جي مڪمل آزادي ڏئي ٿو. هن چيو ته قائداعظم محمد علي جناح اهڙو پاڪستان ڏسڻ جو خواب ڏٺو هو، جتي اقليتن کي برابري جا حق ۽ موقعا حاصل هجن. صدر زرداري تعليم، واپار ۽ سرڪاري خدمتن ۾ هندو برادري جي خدمتن جي ساراهه ڪئي. وزيراعظم شهباز شريف پنهنجي پيغام ۾ پاڪستان ۽ سڄي دنيا جي هندو برادري کي دل جي گهراين سان ديوالي جي مبارڪباد ڏني. هن چيو: “جيئن گهر ۽ دل ديوالي جي روشني سان منور ٿي رهيا آهن، هي تِـهوار اوندهه کي دور ڪري، هم آهنگي وڌائي ۽ اسان سڀني کي امن، همدردي ۽ گڏيل خوشحالي واري مستقبل ڏانهن وٺي وڃي. وزيراعظم پنهنجي بيان ۾ وڌيڪ چيو ته ديوالي جو روح، جيڪو روشني جي اوندهه تي، سٺائي جي بدي تي ۽ اميد جي مايوسي تي فتح کي ظاهر ڪري ٿي، اسان کي ياد ڏياريندي آهي ته اسان گڏجي پنهنجي سماجن مان عدم برداشت ۽ نابرابري جهڙين چئلينجن کي شڪست ڏئي سگهون ٿا. آخر ۾، شهباز شريف ماڻهن کي اپيل ڪئي ته اهي گڏجي ڪم ڪن ته جيئن هر شهري پنهنجي مذهب يا پسمنظر کان قطع نظر، امن سان رهي سگهي ۽ ملڪ جي ترقي ۾ پنهنجو حصو وجهي سگهي.

پهنجو تبصرو موڪليو