ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته صدر مملڪت آصف علي زرداري جي طبيعت ۾ بهتري اچي رهي آهي. شرجيل ميمڻ پنهنجي بيان ۾ وضاحت ڪئي ته صدر آصف علي زرداري کي دبئي منتقل ڪرڻ جون خبرون غلط آهن، هو جلد مڪمل صحتياب ٿي ويندا. ياد رهي ته صدر آصف زرداري کي نوابشاهه مان ڪراچي جي نجي اسپتال منتقل ڪيو ويو هو، جتي انهن جا مختلف ٽيسٽون ڪيون ويون. اسپتال جي ذريعن موجب، صدر آصف زرداري کي انفيڪشن ۽ بخار سبب اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو. ان دوران وزيراعظم شهباز شريف به صدر مملڪت سان رابطو ڪري انهن جي خيريت معلوم ڪئي. وزيراعظم چيو: “پوري قوم جون دعائون اوهان سان گڏ آهن، الله اوهان کي جلد مڪمل صحتيابي عطا فرمائي.” ٻئي طرف گورنر سنڌ ڪامران ٽيسوڙي به صدر مملڪت آصف زرداري جي معالج ڊاڪٽر عاصم سان ٽيليفون تي رابطو ڪيو ۽ صدر جي صحت بابت معلومات وٺي نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.










