اسلام آباد (بيورو رپورٽ) صدر ڊاڪٽر عارف علوي آل پاڪستان نيوز پيپرز سوسائٽي جي نون چونڊيل عهديدارن کي مبارڪ ڏني آهي ايوان صدر جي پريس ونگ مان اڱاري تي جاري ڪيل بيان مطابق صدر ناز آفرين سهگل لاکاڻي ۽ سرمد علي کي اي پي اين ايس جو گڏيل صدر ۽ جنرل سيڪريٽري چونڊجڻ تي مبارڪون ڏيندي اميد ظاهر ڪئي ته نوان چونڊيل عهديدار ملڪ ۾ ميڊيا جي ترقي لاءِ قدم وڌيڪ تيز ڪندا صدر امتنان شاهد کي سينيئر نائب صدر طور، محمد اسلم قاضي کي نائب صدر، ايس ايم منير جيلاني کي جوائنٽ سيڪريٽري طور ۽ شهاب زبيري کي فنانس سيڪريٽري اي پي اين ايس چونڊجڻ تي به مبارڪ ڏني هن چيو ته ميڊيا ملڪ ۾ امن برداشت اخلاقي ۽ جمهوري قدرن کي هٿي ڏيڻ لاءِ ڪم ڪري ڊآڪتر عارف علوي فيڪ نيوز جي تدارڪ لاءِ اخبارن پاران ڪردار ادا ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو ته ميڊيا سماجي مسئلن، عورتن ۽ اسپيشل ماڻهن جي حقن تي ماڻهن ۾ ڄاڻ پيدا ڪري.










