عدالتي حڪم تي ارشد شريف جي قتل جو ڪيس داخل

عدالتي حڪم تي ارشد شريف جي قتل جو ڪيس داخل

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) عدالتي حڪم تي وفاقي گادي واري شهر جي رمنا ٿاڻي تي ايف آءِ آر داخل ڪئي وئي آهي جنهن ۾ وقاراحمد، خرم احمد ۽ طارق وصي کي جوابدار نامزد ڪيو ويو آهي. ان کان اڳ سپريم ڪورٽ ۾ ڪينيا ۾ قتل ٿيل سينيئر صحافي ارشد شريف جي قتل ڪيس جي پاڻمرادي نوٽيس جي ٻڌڻي ٿي، عدالت ارشد شريف جي ميڊيڪل رپورٽ کي غير تسلي بخش قرار ڏنو هو. چيف جسٽس پاڪستان جي سربراهي ۾ 5 رڪني لارجر بينچ ارشد شريف قتل ڪيس جي پاڻمرادي نوٽيس جي ٻڌڻي ڪئي، 5 رڪني لارجر بينچ ۾ جسٽس اعجاز الحسن، جسٽس جمال خان مندوخيل، جسٽس مظاهر علي اڪبر نقوي ۽ جسٽس محمد علي مظهر شامل هئا، ٻڌڻي دوران چيف جسٽس ايڊيشنل اٽارني جنرل کي مخاطب ٿيندي واضح ڪيو ته اٽارني جنرل صاحب! فيڪٽ فائنڊنگ ڪميٽي جوڙي وئي، ارشد شريف جي والده جو خط ملڻ بعد سپريم ڪورٽ جو ايڇ آر سي ايل جاچ ڪري رهيو آهي. ٻڌڻي دوران چيف جسٽس پڇاڻو ڪيو ته گهرو وزارت کي گذريل جمعي تي فيڪٽ فائنڊنگ ڪميٽي جي رپورٽ پيش ڪرڻ گهرجي ها، گهرو وزير ڪٿي آهي؟ چيف جسٽس جي استفسار تي ايڊيشنل اٽارني جنرل عامر رحمان عدالت کي ٻڌايو ته هو فيڪٽ فائنڊنگ ڪميٽي جي رپورٽ سڀاڻي پيش ڪندو. چيف جسٽس ايڊيشنل اٽارني جي وضاحت تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته جاچ ۾ وقت ضايع ڪرڻ سپريم ڪورٽ جو ڪم آهي حڪومت جو نه، ارشد شريف کي ڇو قتل ڪيو ويو ۽ ڇو پرڏيهه ويو؟ پاڪستان وٽ ٻاهرين معاملن کي هلائڻ لاءِ وسيع وسيلا آهن، پاڪستان جي ٻاهرين ملڪن تائين پهچ آهي. ٻڌڻي دوران چيف جسٽس عمر عطا بنديال چيو ته ارشد شريف مشهور صحافي هو، پرڏيهي سيڪريٽري ڪٿي آهي؟ عدالت جي حڪم تي پرڏيهي سيڪريٽري اسد مجيد عدالت ۾ پيش ٿيو، جنهن تي چيف جسٽس چيو ته اسد مجيد اڳي ئي ڪافي مشهور آهي، مک ميڊيا تي جيڪو ڪجهه نه ٿو چيو وڃي، اهو سوشل ميڊيا تي چئي سگهجي ٿو. چيف جسٽس چيو ته اٽارني جنرل کي فيڪٽ فائنڊنگ ڪميٽي جي واپسي کي ڪافي وقت ٿي ويو آهي، حڪومتي ڪميشن جي حتمي رپورٽ اڃا تائين سپريم ڪورٽ کي ڇو نه ملي آهي؟ ڇا ٿي رهيو آهي، رپورٽ ڇو نه پئي اچي؟ جيڪا ميڊيڪل رپورٽ پيش ڪئي وئي اها به غير تسلي بخش آهي، سينيئر ڊاڪٽرن ميڊيڪل رپورٽ تيار ڪئي پر اها تسلي بخش نه آهي، هر انساني زندگي کي سنجيدگي سان وٺڻو پوندو، صحافين سان بدسلوڪي ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪئي ويندي، صحافي پاڪستان ۾ حق جو آواز آهن، ها جيڪڏهن صحافي ڪوڙ ڳالهائين ته حڪومت کي ڪارروائي ڪرڻ جو اختيار آهي. ايڊيشنل اٽارني جنرل جو چوڻ هو ته رپورٽ اچڻ وقت گهرو وزير فيصل آباد ۾ هو، راڻا ثناءُ الله ڏسندي ئي رپورٽ سپريم ڪورٽ کي ڏني ويندي، رپورٽ ۾ ڪجهه حساس ڳالهيون ٿي سگهن ٿيون،جنهن تي چيف جسٽس عمر عطا بنديال پڇاڻو ڪيو ته ڇا گهرو وزير کي رپورٽ تبديل ڪرڻي آهي؟ چيف جسٽس حڪم ڏنو ته صورتحال جي سنگيني کي ڏسندي 5 رڪني بينچ جوڙي وئي آهي، فيڪٽ فائنڊنگ ڪميٽي جي رپورٽ اڄ پيش ڪئي وڃي ته جيئن سڀاڻي ٻڌڻي ٿي سگهي، 43 ڏينهن تائين رپورٽ جو انتظار ڪيو وڃي، عدالت ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي سپريم ڪورٽ جي ترجمان جو چوڻ آهي ته صحافي برادري ۽ عوام کي ارشد شريف جي قتل تي سخت ڳڻتي آهي، ان ڪري سپريم ڪورٽ ان جو نوٽيس ورتو آهي.ڊي جي ايف آءِ ايف محسن بٽ، پرڏيهي سيڪريٽري اسد مجيد، اطلاعات واري سيڪريٽري شهيره شاهد ۽ پي ايف يو جي صدر افضل بٽ به سپريم ڪورٽ ۾ پيش ٿيا.عدالت گهرو سيڪريٽري، پرڏيهي معاملن، اطلاعات، ڊي جي ايف آءِ اي، ڊي جي آءِ بي ۽ پاڪستان فيڊرل يونين آف جرنلسٽس جي صدر کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا

پهنجو تبصرو موڪليو