شڪارپور: (ن س) ميان جو ڳوٺ لنڪ روڊ تي ڄڃ سان ڀريل بس کي پيش آيل خوفناڪ حادثي ۾ فوت ٿيلن جو انگ وڌي 4 ٿي ويو آهي.پوليس موجب حادثي ۾ عورتن ۽ ٻارن سميت 25 ڄڻا زخمي ٿيا آهن، حادثي کانپوءِ زخمي ٿيل وڌيڪ ٻه ڄڻا علاج دوران فوت ٿي ويا آهن.شڪارپور پوليس جو چوڻ آهي ته ڄڃ جي بس بلوچستان جي شهر اوستا محمد کان ميرپور برڙو وڃي رهي هئي ته ميان جو ڳوٺ لنڪ روڊ تي تيز رفتاريءَ سبب بس جو ٽائي راڊ ٽٽي پيو، جنهن جي نتيجي ۾ ڊرائيور گاڏيءَ تي ڪنٽرول نه رکي سگهيو ۽ بس بي قابو ٿي روڊ ڪناري کاهيءَ ۾ وڃي ڪري.حادثي جو اطلاع ملندي ئي پوليس، ريسڪيو ٽيمون ۽ مقامي ماڻهو موقعي تي پهچي ويا ۽ امدادي ڪارروايون شروع ڪري ڏنيون، ريسڪيو آپريشن مڪمل ڪرڻ کانپوءِ زخمين ۽ فوت ٿيلن جا مڙھ سول هسپتال منتقل ڪيا ويا.










