شڪارپور: (ن س) شاديءَ جي خوشيءَ ۾ ڪئي ويندڙ هوائي فائرنگ سبب هڪ معصوم ٻارڙو حياتي جي ٻازي هاري ويٺو.ذريعن موجب، اهو افسوسناڪ واقعو لکي غلام شاهه جي ڳوٺ ٿينڊا ۾ پيش آيو جتي گھانگھرا برادري جي شادي جي تقريب دوران هوائي فائرنگ ڪئي وئي.فوت ٿيل ٻارڙي جي وارثن موجب، فائرنگ دوران هڪ گولي گڏهه گاڏيءَ تي ڪاٺيون کڻي ايندڙ 12 سالن جي پورهيت ٻارڙي ڪريم ڏنو جتوئي کي وڃي لڳي، جنهن جي ڪري معصوم ٻارڙو موقعي تي ئي فوت ٿي ويو.واقعي جي اطلاع ملڻ تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش کي پنهنجي تحويل ۾ وٺي لاڳاپيل اسپتال لکي غلام شاهه منتقل ڪيو، جتي ضروري ڪارروائي کانپوءِ لاش وارثن حوالي ڪيو ويو.










