جلسي ۾ قانون جي خلاف ورزي، گوهر، مروت، شاهين، ڊوگر ۽ ٻيا گرفتار

جلسي ۾ قانون جي خلاف ورزي، گوهر، مروت، شاهين، ڊوگر ۽ ٻيا گرفتار

اسلام آباد (رپورٽ اياز مهر) وفاقي گادي واري شهر جي پوليس پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين گوهر خان ۽ شير افضل مروت  کي پارليامينٽ ٻاهران گرفتار ڪري ورتو آهي. جڏهن ته ايڊوڪيٽ شعيب شهاين کي گهر مان ۽ عامر ڊوگر کي اڻڄاتل هنڌان گرفتار ڪيو ويو آهي. پوليس جو چوڻ آهي ته گذريل ڏينهن سنگجاڻي ۾ ٿيل پي ٽي آءِ جي جلسي ۾ قانون ۽ معاهدي جي خلاف ورزي سبب کين گرفتار ڪيو ويو آهي. نون ۽ سنگجاني ٿاڻي تي داخل ڪيل ڪيسن ۾ عمر ايوب ۽ زرتاج گل به نامزد آهن. سومر تي پارليامينٽ ٻاهران ٿيل گرفتارين بعد پي ٽي اءِ جا ڪجهه اڳواڻ پارليامينٽ ۾ موجود آهن ۽ پوليس به سندن تاڙ ۾ بيٺل آهي. علي محمد خان پوليس جي سامهون روانو ٿيو پر پوليس کيس گرفتار نه ڪيو. پوليس ذريعن جو چوڻ آهي ته ٻين ااڳواڻن جي به گرفتاري متوقع آهي. پارليامينٽ هائوس ٻاهران پوليس جي وڏي نفري تعينات ڪئي وئي آهي ۽ ريڊ زون جا داخلا ۽ نڪرڻ وارا رستا بند ڪيا ويا آهن. ريڊ زون ۾ ڊي چوڪ، نادرا چوڪ، سرينا ۽ مريٽ کان مڪمل سيل ڪيو ويو آهي. ريڊ زون ۾ داخل ٿيڻ ۽ نڪرڻ لاءِ صرف مارگلا روڊ کليل آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو