لاهور(ويب ڊيسڪ)گذريل ڏينهن عمران خان تي حملي کانپوءِ پاڪستان تحريڪ انصاف جي مرڪزي قيادت جو اهم اجلاس شوڪت خانم اسپتال ۾ طلب ڪيو ويو آهي.گذريل ڏينهن وزير آباد ۾ قاتلاڻي حملي ۾ عمران خان، فيصل جاويد ۽ پي ٽي آءِ جي ٻين اڳواڻن سميت 13 ڄڻا زخمي ۽ هڪ ڄڻو مارجي ويو هو.عمران خان ۽ فيصل جاويد لاهور جي شوکت خانم اسپتال ۾ علاج هيٺ آهن پر سندن حالت خطري کان ٻاهر آهي.پاڪستان تحريڪ انصاف به ڪالهه جمعي جي نماز کانپوءِ پيش آيل افسوسناڪ واقعي خلاف سڄي ملڪ ۾ احتجاج جو اعلان ڪيو آهي.ٻئي طرف پنجاب پوليس اڃا تائين حملي آور کان جاچ ڪري رهي آهي ۽ پوليس گرفتار جوابدار جي پولي گرافڪ ٽيسٽ ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو آهي.تحريڪ انصاف جو اهم مشاورتي اجلاس اڄ 1 وڳي شوڪت خانم اسپتال ۾ ٿيندو، جنهن جي صدارت پارٽي چيئرمين عمران خان پاڻ ڪندو.ذريعن جو چوڻ آهي ته پي ٽي آءِ جي مرڪزي قيادت جي اجلاس ۾ مستقبل جي لائحه عمل جو اعلان ڪيو ويندو.










