شهزاد وسيم جي 9 مئي تي ٿيندڙ واقعن جي سخت لفظن ۾ مذمت

شهزاد وسيم جي 9 مئي تي ٿيندڙ واقعن جي سخت لفظن ۾ مذمت

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) سينيٽ ۾ تحريڪ انصاف جي مخالف ڌر اڳواڻ شهزاد وسيم 9 مئي جي واقعي جي سخت مذمت ڪئي آهي.اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي سينيٽر شهزاد وسيم چيو ته سياسي قيادت کي غير يقيني ۽ افراتفري جو خاتمو ڪري جمهوريت کي اڳتي وڌائڻ گهرجي، هن وقت چئلينجن کي سنجيدگيءَ سان منهن ڏيڻو پوندو.هن چيو ته مخالف ڌر جي اڳواڻ جي حيثيت سان منهنجي به اها ذميواري آهي ته ڏکئي وقت ۾ پارلياماني ڪردار ادا ڪريان، مون کي يقين آهي ته منهنجا ساٿي سينيٽر وڏن مقصدن لاءِ منهنجو ساٿ ڏيندا.شهزاد وسيم چيو ته هڪ ڀيرو ٻيهر 9 مئي جي واقعي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪريان ٿو ۽ شهيدن جي خاندانن سان يڪجهتي جو اظهار ڪريان ٿو، 9 مئي جي واقعن کي مفروضن تي نه ڳالهايو وڃي، ذميوارن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وڃي.هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته عمران خان سان ڪافي عرصي کان رابطو ناهي ٿيو.

پهنجو تبصرو موڪليو