اسلام آباد (بيورو رپورٽ)وزيراعظم شهباز شريف گڏيل عرب امارات (يو اي اي) ۾ بندرگاهه تي ميزائل حملي ۾ پاڪستانين سميت شهرين جي زخمي ٿيڻ تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي.هڪ بيان ۾ شهباز شريف چيو ته اسان زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ دعاگو آهيون.هن چيو ته پاڪستان يو اي اي جي عوام سان گڏ بيٺو آهي.وزيراعظم شهباز شريف خطي ۾ تڪرار گهٽائڻ لاءِ صبر ۽ تحمل جو به مطالبو ڪيو.










