شهباز شريف جي مغليه سوچ کان اسان اڳ ئي واقف آهيون: پرويز الاهي

شهباز شريف جي مغليه سوچ کان اسان اڳ ئي واقف آهيون: پرويز الاهي

گجرات (ويب ڊيسڪ) پنجاب جي وڏي وزير چوڌري پرويز الاهي پنهنجي ۽ پٽ طرفان عمران خان جو ساٿ ڏيڻ جو سبب ٻڌائي ڇڏيو. گجرات ۾ صحافين سان ڳالهائيندي پرويز الاهي چيو ته شهباز شريف جي مغليه سوچ کان اسان اڳ ئي واقف آهيون، شهباز شريف کي وزيراعظم بڻائي قوم کي ڪهڙو تحفو پيش ڪيو ويو؟ هن چيو ته اسلام آباد تائين محدود ان خاندان کي ماڊل ٽائون ڪيس ۾ عمر قيد جي سزا ٿيندي، ائين لڳي رهيو آهي ته شهباز شريف ٻاهرين ملڪ مان واپسيءَ لاءِ ٽڪيٽ به گهرندو. سندس چوڻ هو ته ن ليگ جي اصليت سڀني جي سامهون آهي، تنهن ڪري مان ۽ مونس عمران خان جو ساٿ ڏنو.

پهنجو تبصرو موڪليو