لاهور (ويب ڊيسڪ) قومي احتساب بيورو يعني نيب لاهور پاران شهباز شريف کي پرڏيهه وڃڻ جي اجازت ڏيڻ واري لاهور هاءِ ڪورٽ جي فيصلي خلاف سپريم ڪورٽ ۾ اپيل داخل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. نيب جو چوڻ آهي ته سندس ضمانت جي منظوري ۽ طبي بنيادن تي 8 هفتن لاءِ پرڏيهه مان علاج ڪرائڻ جي اجازت ڏيڻ وارن فيصلن کي چيلينج ڪيو ويندو ۽ ان ڏس ۾ نيب جي پراسيڪيوشن برانچ اپيل تيار ڪري رهي آهي. نيب ترجمان جو چوڻ آهي ته هي فيصلو ڪنهن جي فرمائش يا دٻاءَ تي نه پر ميرٽ تي ڪيو ويو آهي.










