شميم ڀٽي خود ڪشي ناهي ڪئي، کيس زهر ڏنويو؟

شميم ڀٽي خود ڪشي ناهي ڪئي، کيس زهر ڏنويو؟

ٺاروشاھ (رپورٽ راشد علي ميمڻ)  ٺاروشاھ ڀرسان عورت شميم ڀٽي پاران خودڪشي ڪرڻ وارو معاملو نئون رخ اختيار ڪري ويو آھي ۽ وارثن خودڪشي مڃڻ بجاءِ ان کي قتل قرار ڏئي ڇڏيو آھي. عورت جا وارث ٽنڊوالهيار ضلعي جي علائقي عثمان شاھ ھڙي مان ٺاروشاھ پھتا ۽ پوليس جي مدد سان عورت جو لاش وصول ڪيو ۽ لاش ايمبولينس ۾ کڻي پريس ڪلب نوشهروفيروز اڳيان پھچي احتجاج ڪيو. ان موقعي تي فوتي عورت جي ماءُ مسمات زيبو ڀٽي ٻڌايو ته ڌي شميم کي سال اڳ جوابدار شھمير ۽ مصطفيٰ ڀٽي اغوا ڪيو ۽ بعد ۾ وري انھن حسن ڀٽي کي وڪرو ڪيو جنھن وري عرس ڀٽي ۽ امداد ڀٽي کي ڌيءَ وڪرو ڪئي جن مان امداد ڀٽي ڌيءَ سان زبردستيءَ نڪاح ڪري ٺاروشاھ ڀرسان پنھنجي ڳوٺ ۾ قيد ڪري ڇڏيو ھو جتي ڌيءَ تي سخت تشدد ڪيو ويندو ھو، جتان ڌي ڪيترائي دفعا ظلم کان تنگ اچي ڀڄڻ جي ڪوشش ڪئي جنھن تان ڌيءَ کي زھر پياري ماريو ويو آھي، اسان ڪيس داخل ڪرائڻ لاءِ ٺاروشاھ پوليس وٽ ويا سين پر پوليس  ڪيس داخل نه ٿي ڪري، جنھن ڪري دربدر ٿي ڌي جو لاش کڻائي واپس وڃي رھيا آھيون. ھن مطالبو ڪيو ته ڌيءَ جي قتل جو ڪيس داخل ڪري اسان سان انصاف ڪيو وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو