شرجيل ميمڻ جي محسن نقوي سان ملاقات،مختلف مامرن تي ڳالهيون

شرجيل ميمڻ جي محسن نقوي سان ملاقات،مختلف مامرن تي ڳالهيون

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ اسلام آباد ۾ وفاقي گهرو وزير محسن نقوي سان ملاقات ڪئي.ملاقات دوران ملڪ جي امن امان، بين الصوبائي سهڪار، منشيات جي خاتمي ۽ عوامي خدمتن جي بهتري سميت مختلف اهم معاملن تي خيال ونڊيا ويا.ملاقات ۾ ڪراچي سميت سنڌ جي وڏن شهرن ۾ منشيات جي روڪٿام ۽ امن امان سان لاڳاپيل معاملن تي پڻ تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي.وفاقي گهرو وزير محسن نقوي ڪچي آبادي وارن علائقن ۾ ڌاڙيلن ۽ ڏوهاري عنصرن خلاف ڪامياب ڪارروائين تي سنڌ حڪومت کي مبارڪباد ڏني ۽ چيو ته سنڌ پوليس مشڪل حالتن ۾ بهادري، پيشیوراڻي صلاحيت ۽ عزم جو مظاهرو ڪندي امن امان بحال ڪرڻ ۾ قابل تعريف ڪردار ادا ڪيو. هن چيو ته وفاقي حڪومت امن امان قائم ڪرڻ ۽ منشيات جي روڪٿام ۾ هر ممڪن مدد فراهم ڪندي.ملاقات دوران سنڌ جي سينئر وزير ۽ اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ جي صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته وفاق ۽ صوبن وچ ۾ مؤثر رابطو ۽ سهڪار قومي چئلينجن کي منهن ڏيڻ جو بهترين ذريعو آهي.هن چيو ته قومي مفاد وارن معاملن ۾ سمورن ادارن ۽ حڪومتن کي گڏجي ڪم ڪرڻ گهرجي. سنڌ حڪومت ڏوهن جي خاتمي، امن امان جي قيام ۽ عوام جي تحفظ لاءِ پنهنجون ڪوششون وڌيڪ تيز ڪندي.ملاقات دوران ٻنهي وزيرن ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ته وفاقي ۽ سنڌ حڪومت وچ ۾ رابطن کي وڌيڪ مضبوط بڻائي عوامي مسئلن جو حل يقيني بڻايو ويندو.

پهنجو تبصرو موڪليو