ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ صوبائي وزير شرجيل ميمڻ جو نالو اي سي ايل مان ڪڍڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ پ پ اڳواڻ ۽ اطلاعات واري صوبائي وزير شرجيل ميمڻ جو نالو اي سي ايل مان ڪڍڻ واري درخواست تي ٻڌڻي ٿي.جسٽس ڪي ڪي آغا جي سربراهي ۾ ٻه رڪني بينچ شرجيل ميمڻ جي نظرثاني درخواست تي ٻڌڻي مڪمل ڪندي پ پ اڳواڻ جي درخواست منظور ڪندي فيصلو محفوظ ڪري ورتو. عدالت شرجيل ميمڻ جو نالو اي سي ايل مان ڪڍڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.










