باڊھه (ن سنڌيار)باڊھه لڳ ڳوٺ بگي ٻنڊي جي گورنمينٽ گرلس پرائمري اسڪول تي چورن جو راڄ، هڪ ٻئي پٺيان چوري جون وارداتون ڪري نامعلوم چور پکا، نلڪو ۽ ٻيو قيمتي سامان چورائي ويا، اسڪول جو چوڪيدار ڊيوٽي تا غير حاضر، پوليس خاموش تماشائي بڻيل، نياڻين جي تعليم داءً تي لڳل، اسڪول جي معصوم نياڻين پاران موئن جو دڙو باڊھ وايا بگي ٻنڊي روڊ بلاڪ ڪري احتجاجي مظاهرو، چورن جي گرفتاري ۽ سامان جي واپسي جو مطالبو۔ خبر موجب باڊهه لڳ ڳوٺ بگي ٻنڊي جي گورنمينٽ گرلس پرائمري اسڪول ۾ نامعلوم چورن پنهنجو راڄ قائم ڪري ڇڏيو آھي هڪ کان وڌيڪ ڪارروائيون ڪري چور اسڪول مان ڇت وارا پنج پکا، پاڻي وارو موٽر، ٻه سولر پليٽون، شاگردياڻين جي ويهڻ واريون پنج بينچيون، ٽانڪي جون پنج ٽونٽيون، ٻه عدد نلڪا، هڪ الماڙي، ٻه پيتيون، 3 بالٽيون، ٻن واٽر ڪولرن سميت تدريسي عمل هيٺ ايندڙ قيمتي سامان چورائي ويا آھن پر انتظاميه اگهور ننڊ ستل آھي۔ اسڪول جي هيڊ ماسترياڻي پاران موئن جو دڙو ٿاڻي ۽ ايجوڪيشن ڊپارٽمينٽ کي بار بار شڪايت ڪرڻ جي باوجود ڪوبه کڙ تيل نه نڪتو آھي۔ موئن جو دڙو پوليس چوري ٿيل سامان مان ٽي پکا اسڪول کي واپس ڪرايا پر پوليس چورن سان ڏيتي ليتي ڪري کين وائکو ڪرڻ کان بچائي ورتو پر چوري جي وارداتن ۾ گهٽتائي نه اچي سگهي، جڏهن ته اسڪول ۾ مقرر چوڪيدار هميشه غير حاضر رهي ٿو جنهن جي لاءِ ٻڌايو وڃي ٿو ته هو تعليم کاتي جي عملدارن سان ڏيتي ليتي عيوض ويزا تي ويل آھي ۽ ىڊيوٽي ڪرڻ کان آجو قرار ڏنل آھي۔ اسڪول مان سامان چوري ٿيڻ جو سلسلو جاري آھي جنهن کان پوءِ اسڪول جي ماسترياڻين ۽ شاگردياڻين ۾ خوف ۽ ڳڻتي جي لهر ڇانيل آھي۔ اسڪول جي معصوم نياڻين هٿن ۾ پلي ڪارڊ کڻي سخت نٽھڻ اس ۾ نڪري اسڪول جي سامهون گذرندڙ باڊھ لاڙڪاڻو وايا بگي ٻنڊي روڊ تي ٽائر ساڙي بينچون رکي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو جنهن جي نتيجي ۾ لاڙڪاڻو راڌڻ باڊھه ۽ موئن جو دڙو ڏانهن ويندڙ ٽريفڪ معطل ٿي وئي۔ ان موقعي تي اسڪول جي شاگردياڻين “ چوري واپس ڪرايو ۔۔۔ اسڪول بچايو´´، تحفظ ڏيو ۔۔۔ تعليم بچايو´´ جا اڀ ڏاريندڙ نعره هنيا۔ ان موقعي تي اسڪول جي هيڊ ماسترياڻي صحافين کي ٻڌايو ته اسان جو اسڪول چورن جي رحم و ڪرم تي ڇڏيو ويو آھي۔ تعليم کاتي جي بالا آفيسرن ۽ موئن جو دڙو پوليس کي لکت ۾ دانهيو آھي پر ڪوبه تحرڪ نه ٿو ورتي وڃي جنهن ڪري اسين استاد برادري ۽ شاگردياڻيون پاڻ کي اسڪول ۾ غير محفوظ سمجهون ٿا جنهن سان نياڻين جي تعليم سخت متاثر ٿي رهي آھي۔ هوڏانهن علائقي جي سماجي شخصيت زيب علي ساريو متاثر اسڪول پهچي حالتن جو جائزو ورتو ۽ احتجاج ڪندڙ نياڻين سان يڪجهتي جو اظهار ڪيو ۽ اسڪول مان ٿيندڙ چوري جي مسلسل وارداتن تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي ڊي آئي جي لاڙڪاڻو، ايس ايس پي لاڙڪاڻو ۽ ٻين وس وارن کان پرزور مطالبو ڪيو آھي ته چوري جي وارداتن کي ٻنجو ڏئي چورن کي فوري طور گرفتار ڪري کائن چوري وارو سامان واپس ڪري گرلس پرائمري اسڪول جي اسٽاف ۽ شاگردياڻين کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي ۽ نياڻين جي تعليم کي تباهي کان بچايو وڃي، ٻي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو۔










