ڪراچي(ويب ڊيسڪ)پاڪستاني بيٽسمين شان مسعود پنهنجي ڪنوار کي پشاور کان ڪراچي وٺي آيو، شادي کان اڳ قوالي رات جو اهتمام ڪيو ويو.شان مسعود ۽ نيشي خان جي قوالي نائيٽ ۾ ناليوارن رانديگرن به شرڪت ڪئي، جڏهن ته تازو عمري جي سعادت حاصل ڪندڙ سرفراز احمد پنهنجي ساٿي ڪرڪيٽر لاءِ گونجي ڪري تقريب ۾ رنگ وڌايو.قوالي نائيٽ جون تصويرون ۽ وڊيوز سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي ويون.تصويرن ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته قوالي نائيٽ لاءِ شان مسعود اڇي پاجاما سان گڏ ڪاري واسڪوٽ جو انتخاب ڪيو آهي، جڏهن ته نيشي خان گہرے ڳاڙهي ۽ گولڊ رنگ جو گڏيل لباس پهريو آهي.










