تهران (ويب ڊيسڪ) ايراني فوج آمريڪي حملن جي جواب ۾ جوابي ڪارروائي ڪندي بحرين ۾ آمريڪي تنصيبات تي حملو ڪيو آهي. ايراني فوج دعويٰ ڪئي آهي ته بحرين جي “سخير بيس” تي آمريڪي هيلي ڪاپٽرن ۽ جاسوسي جهازن کي ڊرون سان نشانو بڻايو ويو آهي. ان کان علاوه آمريڪي جارحيت جي جواب ۾ ايران ڪويت ۾ به ڊرون حملا ڪيا آهن. روسي ميڊيا موجب ايراني ڊرون آمريڪي ميزائلن جي بيٽري کي نشانو بڻايو آهي جنهن سان دونهين جي بادلن علائقي کي گهيري ۾ آڻي ڇڏيو. ڪويتي فوج جو چوڻ آهي ته فضائي دفاعي نظام دشمن جي ميزائل ۽ ڊرون حملن کي ناڪام بڻائي رهيو آهي. آمريڪي فوج مسلسل ڇهين رات ايران تي حملن جي ڪارروائي مڪمل ڪري ورتي آهي. آمريڪي سينٽرل ڪمانڊ (سينٽڪام) ايڪس (X) تي بيان جاري ڪندي چيو آهي ته مسلسل ڇهين رات ايران تي حملن جي ڪارروائي مڪمل ڪئي وئي، حملن ۾ ايراني فوجي تنصيبات ۽ ساحلي نگراني جي مرڪزن کي نشانو بڻايو ويو. سينٽڪام موجب ايران جي فضائي دفاعي نظام (ايئر ڊيفينس سسٽم) ۽ لاجسٽڪ تنصيبات کي به نشانو بڻايو ويو. ٻئي طرف ايراني ميڊيا موجب آمريڪي فوج شهري انفراسٽرڪچر کي نشانو بڻايو. آمريڪي فضائيہ ايرانشهر ايئرپورٽ، بندر عباس، بندر خمير، اهواز ۽ بوشهر ۾ حملا ڪيا ۽ 3 پل تباهه ڪري ڇڏيا.ايراني ميڊيا جو چوڻ آهي ته بندر عباس ۾ رهائشي عمارت، ڪميونيڪيشن ٽاور ۽ ريلوي اسٽيشن تي به حملو ڪيو ويو. بندر عباس جي مختلف علائقن ۾ بجلي جي فراهمي پڻ معطل ٿي وئي جڏهن ته بوشهر ۾ بحري اڏن کي به نشانو بڻايو ويو.ايراني ميڊيا موجب آمريڪي حملن ۾ 7 ماڻهو شهيد ۽ 9 زخمي ٿيا آهن.
ايران ۾ 22 جون کان هيل تائين ٿيل آمريڪي حملن ۾ 38 ماڻهو شهيد، 400 کان وڌيڪ زخمي: صحت واري وزارت
ايران جي صحت واري وزارت چيو آهي ته 22 جون کان آمريڪا سان ٻيهر شروع ٿيل جهرڙن کانپوءِ هيل تائين گهٽ ۾ گهٽ 38 ماڻهو شهيد ۽ 400 کان وڌيڪ زخمي ٿي چڪا آهن.صحت واري وزارت جي ترجمان حسين ڪرمانپور سوشل ميڊيا پليٽ فارم ايڪس (X) تي پنهنجي بيان ۾ چيو ته شهيدن ۾ 3 عورتون پڻ شامل آهن جڏهن ته زخمين ۾ 22 عورتون ۽ 18 سالن کان گهٽ عمر جا 9 ٻار شامل آهن.
ايران جو عمان ۾ آمريڪي ريڊار تنصيبات کي نشانو بڻائڻ جو دعويٰ
ايراني پاسدارانِ انقلاب دعويٰ ڪئي آهي ته هنن عمان ۾ آمريڪا جي ٻن ريڊار مرڪزن کي نشانو بڻائي تباهه ڪري ڇڏيو آهي. پاسداران پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته ايراني فوجن سلامه راڪس جي مقام تي قائم بحري نگراني جي ريڊار ۽ غنم جي علائقي ۾ نصب فضائي نگراني جي ريڊار کي نشانو بڻائي تباهه ڪيو.
پاسدارانِ انقلاب پاران شام ۾ آمريڪي فوج جي ڪمانڊ سينٽر کي نشانو بڻائڻ، ڪيترن ئي آمريڪي فوجين جي مارجڻ جي دعويٰ
ايران جي پاسدارانِ انقلاب دعويٰ ڪئي آهي ته هنن آمريڪي حملن جي جواب ۾ “آپريشن نصر 2” جي يارهين لهر تحت شام جي علائقي التنف ۾ آمريڪي فوج جي اسپيشل آپريشنز ڪمانڊ سينٽر تي حملو ڪيو آهي.پاسداران موجب اها ڪارروائي ايرانشهر جي علائقي بمپور ۾ شهيد ٿيندڙ فوجي اهلڪارن جي بدلي ۾ ڪئي وئي.بيان ۾ چيو ويو آهي ته حملي دوران هڪ ريڊار سسٽم کي تباهه ڪيو ويو ۽ اسپيشل آپريشنز لاءِ استعمال ٿيندڙ ڪيترائي هيلي ڪاپٽر پڻ نشانو بڻائي تباهه ڪيا ويا جڏهن ته وڏي انگ ۾ آمريڪي فوجي اهلڪار مارجي ويا. پاسداران وڌيڪ دعويٰ ڪئي ته آبنائي هرمز تي مڪمل ڪنٽرول اڃا تائين ايراني فوجن وٽ آهي ۽ جيستائين آمريڪا جونجارحانه ڪارروايون جاري رهنديون، هن خطي مان تيل ۽ گئس جو هڪ ڦڙو به برآمد ٿيڻ نه ڏنو ويندو.
خليج عمان ۾ آمريڪي فوج جي ڪارروائي، آئل ٽينڪر ايم/ٽي وين يائو جي تلاشي ورتي وئي
آمريڪي فوج جي سينٽرل ڪمانڊ (سينٽڪام) موجب آمريڪي ميرينز گذريل ڏينهن خليج عمان ۾ آئل ٽينڪر “ايم/ٽي وين يائو” (M/T WYN YAU) تي بورڊنگ آپريشن ڪيو ۽ جهاز جي تلاشي ورتي. آمريڪي اختيارين موجب هن ڪارروائي کي آمريڪي بحري ناڪابندي تحت انجام ڏنو ويو. بيان ۾ چيو ويو آهي ته هيل تائين آمريڪي فوجون ناڪابندي جي ڀڃڪڙي ڪرڻ جي ڪوشش ڪندڙ 3 تجارتي جهازن جو رخ موڙي چڪيون آهن، هڪ جهاز کي حڪم نه مڃڻ تي ناڪاره بڻايو ويو آهي جڏهن ته هڪ جهاز تي بورڊنگ آپريشن ڪيو ويو آهي.
خليجي ملڪن تي ايراني حملن سان آمريڪي فوج جي آپريشنل سرگرمين تي ڪو اثر ناهي پيو: سينٽڪام
آمريڪي فوج جي سينٽرل ڪمانڊ (سينٽڪام) جي ترجمان چيو آهي ته خليجي ملڪن تي ايران جي حملن سان آمريڪي فوجن جي آپريشنل سرگرمين تي ڪو به اثر ناهي پيو. ترجمان ٻڌايو ته وچ اوڀر (مڊل ايسٽ) ۾ آمريڪا جا 50 هزار فوجي مقرر آهن ۽ اهي ڪنهن به مشن کي انجام ڏيڻ لاءِ تيار آهن. ترجمان وڌيڪ چيو ته ايران پنهنجي پاڙيسرين تي انڌاڌنڌ حملا ڪري رهيو آهي ۽ بيگناهه شهرين جي زندگين کي خطري ۾ وجهي رهيو آهي.
قطري گادي جي هند دوحه ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر ڌماڪا ٻڌا ويا
غير ملڪي خبرون ڏيندڙ ايجنسي موجب قطري گادي جي هند دوحه ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر ڌماڪا ٻڌا ويا آهن.
ٻئي طرف قطري دفاع واري وزارت پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته قطري مسلح فوجون ملڪي فضائي حدن ۾ داخل ٿيندڙ مختلف نشانن (اهداف) کي نشانو بڻائي رهيون آهن.
قطر تي ميزائل حملو ناڪام بڻايو ويو: قطري دفاع واري وزارت
قطر جي دفاع واري وزارت جو چوڻ آهي ته فوج ميزائل حملو ناڪام بڻائي ڇڏيو آهي.قطر جي دفاع واري وزارت ايڪس (X) تي جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته مسلح فوجن قطر کي نشانو بڻائيندڙ ميزائل حملي کي روڪي ڇڏيو.
ڍمون آمريڪي فوج کي ٻيهر مضبوط بڻايو، آمريڪا ايران ۾ وڏي ڪاميابي حاصل ڪري رهيو آهي: ٽرمپ
آمريڪي صدر ڊونالڊ ٽرمپ چيو آهي ته “مون آمريڪي فوج کي ٻيهر مضبوط بڻايو ۽ ان کي دنيا جي سڀ کان طاقتور فوج ۾ تبديل ڪري ڇڏيو، آمريڪا ايران ۾ وڏي ڪاميابي حاصل ڪري رهيو آهي.”آمريڪي صدر ڊونالڊ ٽرمپ قوم کي پنهنجي خطاب ۾ چيو آهي ته “اسان وينزويلا ۾ به ڪامياب ٿياسين، جيڪو هاڻي اسان سان گڏجي لکن جي انگ ۾ بيرل تيل پيدا ڪري رهيو آهي. ٽرمپ 3 جنوري تي ڏکڻ آمريڪي ملڪ تي ڪيل پنهنجي حملي جو حوالو ڏيندي چيو ته “اهڙي ئي ريت اسان ايران ۾ به وڏي ڪاميابي حاصل ڪري رهيا آهيون ۽ توهان تمام جلد ان جو نتيجو ڏسندا.










