شام جي اهم شهرن تي باغين جو قبضو، جهڙپن ۾ 300 ڄڻا قتل

شام جي اهم شهرن تي باغين جو قبضو، جهڙپن ۾ 300 ڄڻا قتل

حلب(ويب ڊيسڪ)شام جي صوبي ادلب سميت ٻين وڏن ۽ تاريخي طور اهم شهرن حلب ۽ حماه تي القائده جي اتحادي باغين قبضو ڪري ورتو آهي، شامي فوج ۽ باغين وچ ۾ جهڙپ ۾ 20 شهرين سميت 300 کان وڌيڪ ماڻهو مارجي ويا آهن، باغين شام جي ٻئي وڏي شهر حلب تي قبضي بعد 24 ڪلاڪن لاءِ ڪرفيو لاڳو ڪيو آهي. بي بي سي جي رپورٽ موجب شامي فوج باغين جي حملي کانپوءِ حلب مان پوئتي هٽي وئي آهي. شامي فوج جوابي ڪارروائي جو اعلان ڪندي تصديق ڪئي آهي ته باغي شهر جي اڪثر حصي ۾ داخل ٿي ويا آهن. 2016 بعد پهريون ڀيرو شام ۾ موجود روسي فوج حلب ۾ باغين جي ٺڪاڻڻ تي بمباري ڪئي آهي.2016 ۾ شامي فوج اتحادين جي مدد سان باغين کي حلب بدر ڪيو هو. باغين جي حملي بعد گذريل چند سالن ۾ هي سخت ويڙهه آهي. رائٽر موجب حلب ايئرپورٽ ويندڙ ۽ شهر ڏانهن ويندڙ سڀ مک رستا بند آهن. برطانيا ۾ قائم سيريئن آبزرويٽري فار هيومن رائٽس (SOHR) جي نگراني ڪندڙ گروپ اربع تي باغين ۽ شامي فوج جي وچ ۾ 20 شهرين سميت 300 کان وڌيڪ ماڻهن جي مارجڻ جي تصديق ڪئي آهي. شام جي صدر بشار الاسد چيو آهي ته دهشتگرد حملا ڪيترا به سخت ڇو نه هجن، شامي حڪومت پنهنجي اتحادين ۽ دوستن جي مدد سان انهن کي شڪست ڏيڻ ۽ ختم ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿي. ماهرن جو چوڻ آهي ته آمريڪا ۽ اسرائيل جي حمايت يافتا باغين لبنان ۾ اسرائيل جي جنگبندي جي اوچتو اعلان سان گڏ ئي شام تي حملا شروع ڪيا آهن. حيرت جي ڳالهه اها آهي ته ترڪ فوج به شامي فوج خلاف ڪاروايون ڪري رهي آهي جنهن سان ترڪي جا ايران ۽ روس سان تعلقات به خراب ٿي سگهن ٿا. ان بابت ترڪ صدر رجب طيب اردوان کي چٽي پاليسي اختيار ڪرڻي پوندي. آمريڪا روس کي يوڪرين بعد شامي جنگ ۾ به الجهائڻ چاهي ٿو. باغين جو قبضو ايران لاءِ وڏو ڌچڪو آهي. 2011 ۾ بشار الاسد خلاف شروع ٿيل گهرو جنگ ۾ 5 لک ماڻهو مارجي چڪا آهن. اڪثر شامي شهري پاڙيسري ملڪ ترڪي سميت مختلف ملڪن ۾ پناهه ورتي هئي. باغين جي تنظيم حيات تحرير الشام جا سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل ويڊيو آمريڪا ۽ مغربي ميڊيا ۾ ڀرپور ڪوريج حاصل ڪري رهيا آهن. ايراني ميڊيا اڃا تائين حلب تي باغين جي ڪنٽرول کي تسليم ناهي ڪيو ۽ چيو آهي ته مغربي ميڊيا ڪوڙيون خبرون پئي هلائي. ايران جي دعوا پنهنجي جاءِ تي پر عرب ميڊيا به حلب تي باغين جي قبضي جي تصديق ڪئي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو