نواب شاهه (ن س)سکر کان حيدرآباد موٽر وي ايم 6 جي تعمير جي سلسلي ۾ زمين نيشنل ھائي وي اٿارٽيءَ جي حوالي ڪرڻ ۽ زمين جي مالڪن کي معاوضي جي ادائيگي جي سلسلي ۾ ھڪ اجلاس اڄ ڪمشنر شھيد بينظيرآباد ڊويزن نديم احمد ابڙو جي صدارت ھيٺ ٿيو. اجلاس ۾ نيشنل ھائي وي اٿارٽيءَ موٽر وي ايم 6 جي جنرل مينيجر زبير احمد، ڊپٽي ڪمشنر شھيد بينظيرآباد شھريار گل ميمڻ، ڊپٽي ڪمشنر نوشھرو فيروز ارسلان سليم، پراجيڪٽ ڊائريڪٽر ايم 6 سھيل احمد، ڊائريڪٽر انفارميشن محمد موسي گوندل، ايڪسين ايل بي او ڊي محمد سلمان کان علاوه ڊائريڪٽر سيٽلمينٽ سروي خيرپور سميت ضلع نوشھرو فيروز ۽ شھيد بينظيرآباد جي سمورن تعلقن جي اسسٽنٽ ڪمشنرن شرڪت ڪئي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪمشنر نديم احمد ابڙو چيو ته روينيو کاتي پاران سکر کان حيدرآباد موٽر وي ايم 6 جي تعمير جي سلسلي ۾ ڪابه دير نه آھي نيشنل ھائي وي اٿارٽيءَ کي موٽر وي جي تعمير ۾ ايندڙ زمين سڀاڻي ئي حوالي ڪرڻ لاءَ تيار آھيون نيشنل ھائي وي اٿارٽيءَ وارا اچن ۽ ڪم شروع ڪن ان موقعي تي اجلاس کي آگاھي ڏيندي نيشنل ھائي وي اٿارٽيءَ موٽر وي ايم 6 جي جنرل مينيجر زبير احمد ٻڌايو ته اسلامڪ ڊيولپمينٽ بينڪ آذربائيجان پاران موٽر وي جي تعمير لاء فنڊ فراھم ڪرڻ لاءَ اعلان ڪيو ويو آھي پر ان جو مطالبو آھي ته سموريون ڪاغذي گھرجون مڪمل ڪيون وڃن ۽ زمين اين ايڇ اي جي نالي ڪئي وڃي ان کانپوءِ گھربل فنڊ جاري ڪيا ويندا ھن وڌيڪ ٻڌايو ته مٽياري ۽ نوشھرو فيروز ۾ نيب پاران 945 ملين جي رڪوري ڪري سنڌ حڪومت حوالي رقم ڪئي وئي آهي ھن وڌيڪ ٻڌايو ته زميندارن کي جيڪي غلط ادائيگيون ڪيون ويون آهن انھن جي ريڪوري پڻ نيب ڪندي ھن وڌيڪ ٻڌايو ته پھرين مرحلي ۾ سروسز ايريا ۽ انٽر چينج جي تعمير شروع ڪئي ويندي اجلاس کي آگاھي ڏيندي ڊپٽي ڪمشنر شھيد بينظيرآباد شھريار گل ميمڻ ٻڌايو ته موٽر وي جي تعمير ۾ ايندڙ زمين لاءِ سيڪشن 4 جاري ٿي چڪو آھي جڏھن ته ھن ئي ھفتي سيڪشن 6 پڻ جاري ٿي ويندو ھن وڌيڪ چيو ته موٽر وي لاءِ زمين جي فراهمي اسان جو ڪم آھي اين ايڇ اي وارا جلد فنڊ فراھم ڪن ته جئين زمين مالڪن کي ادائيگيون ڪري زمين اين ايڇ اي جي حوالي ڪري سگھجي ھن وڌيڪ چيو ته ضلع شھيد بينظيرآباد ۾ 1380 ايڪڙ زمين موٽروي ايم 6 لاءِ مختص ڪئي وئي آهي ھڪ ھفتي اندر گزيٽ نوٽيفڪيشن جاري ٿي ويندو ان موقعي تي اجلاس کي آگاھي ڏيندي ڊپٽي ڪمشنر نوشهروفيروز ارسلان سليم چيو ته اين ايڇ اي وارا ضلع نوشهرو فيروز ۾ زمينن جو معاوضو گھٽ ڏئي رھيا آھن جڏھن ته خيرپور ۽ مٽياري ۾ ريٽ وڌيڪ آھن ڊپٽي ڪمشنر مطالبو ڪيو تہ زمينن جا ريٽ وڌايا وڃن.










