سپريم ڪورٽ پاران وزيراعظم کي نوٽيس جاري

سپريم ڪورٽ پاران وزيراعظم کي نوٽيس جاري

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ وزيراعظم ۽ ايڊووڪيٽ جنرل پنجاب کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو آهي. جسٽس قاضي فائز عيسيٰ ريمارڪس ڏيندي چيو ته وزيراعظم سڄي ملڪ جو هوندو آهي، هو پاڻ کي ڪنهن سياسي جماعت جي ونگ سان نٿو ڳنڍي سگهي. عدالت چيو ته هي معاملو پاڻ مرادو نوٽيس لاءِ چيف جسٽس ڏانهن اُماڻي رهيا آهيون، وزيراعظم رياستي وسيلن جو غلط استعمال ڇو ڪري رهيو آهي؟انتظاميا ٻڌائي ته ڇا ڪنوينشن سينٽر ۾ پروگرام ڪرڻ جي فيس ادا ڪئي وئي؟  هي معاملو آئين جي تشريح ۽ بُنيادي حقن جو آهي، سپريم ڪورٽ معاملي تي 5 رڪني بئنچ جوڙڻ لاءِ عدالتي حڪمنامو چيف جسٽس ڏانهن اُماڻي ڇڏيو، وزيراعظم عمران خان کي ڪنوينشن سينٽر ۾ انصاف وڪيل فورم جي هڪ تقريب ۾ شرڪت ڪرڻ تي نوٽيس جاري ڪيو آهي، اٽارني جنرل آف پاڪستان کي معاونت لاءِ نوٽيس جاري ڪيو ويو آهي، عدالت اي جي پنجاب، ڪنوينشن سينٽر انچارج ۽ لاڳاپيل وزارتن کي به نوٽيسز جاري ڪري ڇڏيا. عدالت ٻڌڻي دوران ايڊوڪيٽ جنرل پنجاب تي به ڪاوڙ جو اظهار ڪيو. جسٽس قاضي فائز عيسي ٰ چيو ته اي جي ڪنوينشن سينٽر ۾ ٿيندڙ سياسي اجتماع ۾ ويٺل رهيو، پر عدالت ۾ پيش نه ٿيو. جسٽس قاضي فائز عيسيٰ پنهنجي ريمارڪس ۾ چيو ته ايڊووڪيٽ جنرل ڪنهن هڪ جماعت جو نه، پر سڄي صوبي جو هوندو آهي. ان دوران ايڊوڪيٽ جنرل قاسم چوهاڻ چيو ته هو وڪيلن جي فنڪشن سبب ويو هو.  عدالت پاڪستان بار ڪائونسل جي وائيس چيئرمين، سپريم ڪورٽ بار جي صدر ۽ اي جي پنجاب کي ايندڙ ٻڌڻي تي طلب ڪري ورتو. عدالت چيو ته ڇا ڪوئي جج به ڪنهن سياسي جماعت جي فنڪشن ۾ شامل ٿي سگهي ٿو؟ ان جو قانوني معيار ڇا آهي؟

پهنجو تبصرو موڪليو