ڪراچي(ويب ڊيسڪ) ميڪسيڪو جي سپريم ڪورٽ ٻار ڪيرائڻ کي غير مجرماڻو عمل قرار ڏيندي حڪومتي قانون کي رد ڪري ڇڏيو. عدالت پنهنجي حڪم ۾ چيو آهي ته ڪنهن به ڇوڪري سان ريپ ٿئي ٿو ته هوءَ ٻار کي جنم ڏيڻ جي پابند ناهي ۽ نه ئي حڪومت يا سندس والدين کيس ٻار پيدا ڪرڻ تي مجبور ڪري سگهن ٿان. ياد رهي ته 2007 ۾ پهريون ڀيرو ميڪسيڪو سٽي رياست ٻار ڪيرائڻ کي جرم قرار ڏيندي پابندي مڙهي هئي. جنهن بعد 12 ٻين رياستن به ساڳيو قانون جوڙيو ۽ ٻار ڪيرائڻ تي 3 سال قيد جي سزا مقرر ڪئي هئي. اهڙي عمل بعد ميڪسيڪو جي وفاقي حڪومت سڄي ملڪ يعني 32 ئي رياستن ۾ اهڙو قانون لاڳو ڪيو، جنهن کي سپريم ڪورٽ ۾ چئلينج ڪيو ويو ۽ عدالت انکي غير آئيني قرار ڏيندي ٻار ڪيرائڻ کي جائز قرار ڏنو.










