سيٺارجا (الطاف حسين ڀٽو) سنڌ حڪومت طرفان سنڌ جي مختلف ضلعن اندر سنڌ سيڊ ڪارپوريشن جي ساڍا 6 هزار ايڪڙ زرخيز زرعي زمينن سميت ڪارپوريشن جي زرعي مشينري، گاڏيون، ٽريڪٽرن کي وڪرو ڪرڻ جا پلان شروع ڪيا ويا آهن مضبوط ذريعن وٽان ڄاڻ ملي آھي ته کاتي اندر مالي بدعنوانين جو سبب ڄاڻائي اربين روپين جي زرعي زمين ۽ ٻئي قيمتي مشنيري ٿرڊ پارٽي کي ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو آھي اهڙي فيصلو جو ٻڌي سيٺارجا جي سنڌ سيڊ فارم جي هارين رياض احمد لنڊ، رفيق احمد آرائين، زاهد پتافي، عبدالستار آرائين،مختيار احمد لنڊ، محمد رمضان آرائين۽ ٻين احتجاجي مظاهرو ڪيو ان موقعي تي هنن صحافين آڏو دانهيندي چيو ته اسان پاڪستان ٺھڻ کان اڳ اسان جي وڏن اچي هن فارم کي آباد ڪيو آهي ۽ اسان ڏينهن رات محنت ڪري بمپر فصل ڏنا آهن ۽ سنڌ سيڊ ڪارپوريشن اندر غير قانوني مقرر ٿيندڙ ڪرپٽ ڪامورن جي ڪرپشن ۽ بدعنوانين جي سبب اداري جو ڏيوالو ڪڍي ڇڏيو آھي زرعي فارم مان ملندڙ فصل جي آمدني رڪارڊ ۾ وڌيڪ ڏيکارڻ بدران گهٽ ڏيکاري پنهنجا ڀڀ ڀري رهيا آهن ۽ اداري کي لکين روپين جو نقصان ٿي رهيو آهي اهڙي قسم جا اسان وٽ لکت ۾ ثبوت پڻ آھن هنن وڌيڪ چيو ته فارم جي عملدارن ۽ ڪجهه سياسي ڀوتارن جي فارمن جي زرخيز زرعي زمين تي اک آھي پر اسان انهن کي اهو ٻڌائڻ ٿا چاهيون ته اسان فارم جي زمين ڪنهن کي به ڏيڻ ڪونه ڏينداسين ڇوته سالن کان اها زمين اسان آباد ڪري رهيا آھيون ڪامورن جي ڪرپشن جي سزا اسان کي ڏني پئي وڃي پر اسان ان عمل جو ڀرپور نموني احتجاج ۽ مزاحمت پڻ ڪنداسين سنڌ سيڊ ڪارپوريشن ۾ ٿيندڙ ڪرپشن ۽ اهڙي فيصلي خلاف جلد عدالت سڳوري سان رجوع ڪنداسين.










