ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)امير جماعت اسلامي ڪراچي حافظ نعيم الرحمان صوبائي اسيمبلي جي سيٽ ڇڏڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. ميڊيا سان ڳالهائيندي حافظ نعيم الرحمان چيو آهي ته سنڌ اسيمبلي جي پي ايس 129 جي سيٽ تي آزاد اميدوار سيف الله کٽي ويو آهي،خيرات واري سيٽ نه کپي ايم ڪيو ايم ڪٿي به ناهي کٽيو هن کي کٽرايو ويو آهي،هن چيو ته مان صاف چوان ٿو ته چونڊن ۾ ڌانڌلي ڪئي وئي.










