اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سينيٽ ورچوئل اثاثن جي ترميمي بل کي منظور ڪري ورتو آهي.منظور ٿيل بل موجب، ورچوئل اثاثن ۽ ورچوئل اثاثن جي سروس فراهم ڪندڙن جي لائسنسنگ، ضابطي ۽ نگراني لاءِ هڪ ريگيوليٽري اٿارٽي قائم ڪئي ويندي. اٿارٽي مني لانڊرنگ، دهشتگردن جي مالي مدد ۽ ورچوئل اثاثن جي غير قانوني استعمال کي روڪڻ لاءِ قدم کڻندي.ان کان علاوه، اٿارٽي پاڪستان جي ورچوئل اثاثن جي مارڪيٽ ۾ استعمال ڪندڙن ۽ سيڙپڪارن جي حفاظت ڪندي. اٿارٽي ضابطا ۽ هدايتون تيار ڪندي، ۽ لائسنس جاري ڪرڻ، معطل ڪرڻ يا ختم ڪرڻ جي قابل هوندي.ان کان علاوه، اٿارٽي باهمي تعاون ۽ معلومات جي تبادلي لاءِ ٻين ملڪن جي ريگيوليٽري اٿارٽيز ۽ ايجنسين سان معاهدا ڪندي. لائسنس کان سواءِ ورچوئل اثاثن جون خدمتون فراهم ڪرڻ تي 5 سالن تائين قيد ۽ 50 ملين تائين جرمانو لاڳو ٿيندو.بل پاڪستان يا ٻاهرين ملڪن ۾ ورچوئل اثاثن جي سروس فراهم ڪندڙن ۽ جاري ڪندڙن تي لاڳو ٿيندو.










