ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه بوهرا جماعت جي روحاني پيشوا سيدنا مفدل سيف الدين کي ايئرپورٽ تي الوداع ڪيو، ترجمان وڏي وزير موجب سيدنا مفدل سيف الدين کي الوداع ڪرڻ وارن ۾ سنڌ جو گورنر محمد ڪامران ٽيسوري، صوبائي وزير ڄام خان شورو به شامل آهن،سنڌ جي وڏي وزير سيدنا مفدل سيف الدين کي ايندڙ سال محرم ۾ ٻيهر ڪراچي اچڻ جي دعوت ڏني،سيدنا مفضل سيف الدين شاندار مهمان نوازي تي سنڌ حڪومت جا ٿورا مڃيا










