ڪراچي (نمائندن وٽان) سنڌ ۾ مسلسل برساتن ۽ سيلابي ريلين سبب بدين ضلعي جا اڪثر تعليمي ادارن ۾ برسات جو پاڻي جمع ٿي ويو. جنهن سبب شاگردن کي اسڪول پهچڻ ۾ ڏکيائين کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي. ٻئي طرف دادو ۾ گاج نديءَ جي سيلابي پاڻي سبب جوهي تعلقي جي علائقي ڪاڇي جو مين روڊ 3 مختلف هنڌن تان لڙهي ويو آهي جنهن سبب ڪاڇي جي سوين ڳوٺن جو زميني رستو پڻ ڪٽجي ويو آهي. سجاول جي ساحلي تعلقي جاتي جي واهه جي بند ۾ گهارو پوڻ سبب ڳوٺ، فصل ۽ مڇي جا فارم بري طرح متاثر ٿيا آهن. حيدرآباد ۾ برسات کانپوءِ شهر جي اڪثر علائقن ۾ پاڻي بيٺل آهي انتظاميا پاڻي جي نيڪال ۾ ناڪام نظر پئي اچي. شهر جو وڏو قبرستان ٽنڊو يوسف مان برساتي پاڻي جو نيڪال نه ٿي سگهيو آهي، جنهن سبب قبرون جهري رهيون آهن ۽ لاش دفنائڻ ناممڪن بڻجي ويو آهي. ياد رهي ته سنڌ جي مختلف علائقن ۾ طوفاني برسات تباهي جون ڪهاڻيون ڇڏيون آهن، ڪيترائي گهر ڊهي پٽ، فصل تباهه ٿي ويا آهن ۽ متاثرين کليل آسمان هيٺ ويهڻ تي مجبور ٿي ويا آهن. حيدرآباد، ٺٽي، سجاول، ميرپورخاص ۽ ٿرپارڪر جي مختلف علائقن مان هن وقت تائين پاڻي نه نڪري سگهيو آهي، دادو ۾ زميني رستا بند ٿيڻ سبب ماڻهن ٻيڙين ذريعي سفر شروع ڪري ڇڏيو آهي.










