پشاور(ويب ڊيسڪ)پشاور هاءِ ڪورٽ مائننگ ۾ مرڪري جي استعمال تي پابندي لڳائي ڇڏي، پشاور هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس اشتياق ابراهيم ۽ جسٽس وقار ڪوهاٽ ۾ سون جي کاڻ ۾ مرڪري جي استعمال خلاف درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.ٻڌڻي دوران درخواستگذار جي وڪيل موقف اختيار ڪيو ته مائننگ دوران مرڪري جي استعمال سبب علائقي جو پاڻي آلوده ٿي رهيو آهي، سون ڪڍڻ لاءِ مرڪري کي ساڙيو ويندو آهي، جڏهن ته مرڪري جي استعمال تي سڄي دنيا ۾ پابندي آهي.وڪيلن جي دليلن کان پوءِ عدالت سوني کاڻ ۾ مرڪري جي استعمال تي پابندي جو حڪم ڏنو.عدالت معدنيات کاتي جي آفيسرن کي نوٽيس جاري ڪندي، ايندڙ ٻڌڻي تي طلب ڪيو ۽ ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي.










