سون جي قيمت ۾ واڌ، اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ عدم استحڪام

سون جي قيمت ۾ واڌ، اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ عدم استحڪام

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ملڪ ۾ سياسي عدم استحڪام ۽ نازڪ معاشي صورتحال سبب ڪجهه هفتن کان ڊالر جي قيمت ۾ ته ايترو وڏو فرق ناهي آيو پر سون جي قيمت ۾ گهٽ وڌ جو سلسلو تيزي سان جاري آهي. سومر ڏينهن ڪراچي ۾ سون جي قيمت ۾ في تولو 1100 روپيا واڌ ٿي وئي آهي. ڪراچي ۾ صبح جي وقت سون جي قيمت في تولو 2 لک 14 هزار 300 روپيا رڪارڊ ڪئي وئي. اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ به ريڊ گرين جو سلسلو جاري آهي. مارڪيٽ ۾ منفي 100 انڊيڪس 681 پوائنٽ تائين گهٽ ٿي وئي پر ڪجهه دير ۾ وري پلس ٿي وئي ۽ 542 پلس بعد وري هيٺ اچي وئي.

پهنجو تبصرو موڪليو