سوئيڊن پاڪستان ۾ ويزا سروس بحال ڪري ڇڏي

سوئيڊن پاڪستان ۾ ويزا سروس بحال ڪري ڇڏي

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)پرڏيهي کاتي جي ترجمان جاري ڪيل بين ۾ ٻڌايو آهي ته سوئيڊن پاڪستان ۾ ويزا سروس ٻيهر شروع ڪري ڇڏي آهي. بيان م چيو ويو آهي ته ٻنهي ملڪن جي پرڏيهي کاتن جي نمائندن 2 جولاءِ تي اسٽاڪ هوم ۾ ٻطرفن لاڳاپن بابت ڳالهيون ڪيون ۽ 7 جولاءِ کان پاڪستانين لاءِ ويزا سروس بحال ڪئي وئي آهي.پاڪستاني شهري شينجين ويزا سميت سوئيڊن جي 3 مهينن لاءِ ويزا حاصل ڪري سگهن ٿا. ان کان اڳ سوئيڊن سيڪورٽي جو سبب ڄاڻائي سروس معطل ڪئي هئي.

پهنجو تبصرو موڪليو